اسلام آباد-26 ڊسمبر (اي پي پي)قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين سان ترڪيه جي سفير عرفان نذير اوغلو ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ زرعي تعاون کي هٿي ڏيڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ??ئي. ملاقات دوران ٻنهي ڌرين اسٽريٽجڪ اڪنامڪ فريم ورڪ (ايس ايس ايف) تحت حصيداري جا نوان موقعا ڳولڻ ۽ زرعي واپار ۽ ٽيڪنالاجي جي منتقلي کي هٿي ڏيڻ تي اتفاق ڪيو ويو. وفاقي وزير پاڪستان جي اعليٰ معيار جي زرعي مصنوعات، جهڙوڪ چانور، ڪڻڪ، انب ۽ خشڪ ميوي جي فراهمي جي صل??حيت کي اجاگر ڪيو. هن ترڪيه کي ان مصنوعات جي روانگي واپار وڌائڻ جي ع??م جو اظهار ڪندي چيو ته ان سان ٻنهي ملڪن جي لا??اپن ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو. ملاقات دوران زرعي تعاون ۽ ٽيڪنالاجي جي منتقلي ۾ اضافو، ترڪيه لاءِ چانور، ڪڻڪ، انب جي مصنوعات جهڙي معياري شين جي روانگي واپار وڌائڻ، زرعي ميڪانائزيشن، آبي زراعت ۽ جديد آبپاشي نظام جا گڏيل منصوبا شروع ڪرڻ جي منصوبن سميت عالمي (صحت ۽ نباتاتي معيار) معيار تي عملدرآمد جي ذريعي واپاري لا??اپا مضبوط بنائڻ تي زور ڀريو ويو. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۾ زراعت ۽ چوپائي ??ال جي شعبي ۾ ترڪيه جي سيڙپڪاري لاءِ هر ممڪن سهولتن جي فراهمي لاءِ پرعزم آهيون، ملاقات دوران ٻنهي ملڪن زرعي پيداوار ۽ واپار کي بهتر بڻائڻ لاءِ هڪ عملي منصوبو تيار ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. ترڪيه جي سفير پاڪستان جي اعليٰ معيار جي زرعي مصنوعات کي ساراهيندي زراعت ۽ چوپائي ??ال جي شعبي ۾ معاشي لا??اپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي. وفاقي وزير راڻا تنوير حسين پاڪستان جي زرعي شعبي جي مڪمل صل??حيت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ترڪيه سان ڊگهي مدي واري حصيداري جي ع??م جو ورجاءُ ڪيو جنهن سان ٻنهي ملڪن لاءِ معاشي موقعا پيدا ٿيندا.
وفاقي وزير راڻا تنوير حسين سان ترڪيه جي سفير جي ملاقات، زرعي تعاون کي هٿي ڏيڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي
مضمون کا ماخذ : مردہ یا زندہ II