اسلام آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) ??رڏ??هي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته انٽرنيشنل ميري ٽائيم آرگنائيزيشن (آءِ ايم او) جو سيڪريٽري جنرل آرسينيو انتونيو منگويز ويلاسڪو پاڪستان جي دوري دوران اسلام آباد ۽ ڪراچي ۾ پاڪستان جي قيادت ۽ اعليٰ سرڪاري عملدارن سان ملاقاتون ڪندو. پريس بريفنگ ۾ هن چيو ته آءِ ايم او جي سيڪريٽري جنرل ٽن ڏينهن جي دوري تي گذريل رات پاڪستان پهتو آهي. ترجمان چيو ته آءِ ايم او جي ڪنهن سيڪريٽري جنرل جو هي پهريون پاڪستان جو دو??و آهي. هن چيو ته انٽرنيشنل ميري ٽائيم آرگنائيزيشن جي سيڪريٽري جنرل اسلام آباد ۾ ”انٽرنيشنل ميري ٽائيم بزنس اينڊ فنانس ڪانفرنس“ ۾ شرڪت ڪري رهيو آهي جنهن ۾ نائب وزيراعظم ۽ ??رڏ??هي وزير سينيٽ?? محمد اسحاق ڊار ڪانفرنس ۾ خاص مهمان جي حيثيت سان شرڪت ڪئي.
مضمون کا ماخذ : میگا فارچیون