اسلام آباد -04 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ??هي?? ته 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت غيرقانوني طور تي پنهنجي قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير تي پنهنجي قبضي کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ل??ءِ نئين ۽ ناپاڪ قدمن جو هڪ گندو سلسلو شروع ڪيو، تڏهن کان ڀارت دنيا کي اهو ڌوڪو ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو ??هي?? ته ڄمون ۽ ڪشمير ان جي سرزمين جو هڪ حصو ??هي?? جڏهن ته عالمي قانونن، تاريخي حقيقتن، اخلاقي اصولن ۽ زميني صورتحال ڀارت جي بي بنياد ۽ ڪوڙ تي ٻڌل دعوائن کي بي نقاب ڪري ڇڏيو ??هي?? پاڪستان ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري يوم استحصال جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته اڄوڪو ڏينهن سڄي پاڪستاني قوم ۽ پاڪستان حڪومت کي يوم استحصال جي ڪاري ڏينهن جي ياد ڏياري ٿو. 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت ??ي غيرقانوني طور تي ڀارت ??ي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ غيرقانوني ۽ ناپاڪ قدمن ۽ ان جي سنگين نتيجن جي شروعات ٿي. هن چيو ته اڄ غيرقانوني طور تي ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ ڪشميري عوام جي حقيقي قيادت کي خاموش ڪرڻ ۽ ميڊيا جي آواز کي دٻائڻ ل??ءِ ڀارت طرفان هر قسم جي ڪُڌي حرڪت اپنائي پئي وڃي. ڀارتي قبضي هيٺ ڪشمير ۾ سياسي قيدين جو انگ هزارن ۾ ??هي?? جڏهن ته 14 ڪشميري سياسي تنظيمن کي ڪالعدم قرار ڏنو ويو ??هي?? جنت جهڙي ڄمون ڪشمير ۾ ڀارت طرفان بيگناهه ڪشميرين کي هراسان ڪرڻ، غيرقانوني گرفتاريون، هٿ ٺوڪيا گهيراءَ ۽ تلاشي جون ڪارروائيون روز جو معمول بڻجي چڪيون آهن، ڀارتي فوج مختلف ظالماڻن قانونن جي آڙ ۾ مظلوم ڪشميرين تي ظلم ڪري رهي ??هي?? وزيراعظم چيو ته اڄوڪي ڏينهن مان ڪشميري عوام جي بي مثال حوصلي، جرئت ۽ ??ها??ري کي سلام پيش ڪيان ٿو، جنهن جي ڪري ڪشميري ڀينرن ۽ ڀائرن قانوني طور تي ڪمزور بڻائڻ جي هر ڀارتي ڪوشش جو ڄمي مقابلو ڪري رهيا آهن، ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته ڀارت جو هر قسم جو ظلم ۽ ڏاڍ ۽ غيرقانوني حرڪتون ڪشميرين جي خوداراديت واري حق کي حاصل ڪرڻ ل??ءِ انهن جي تڙپ کي گهٽ ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو آهي. وزيراعظم چيو ته تاريخ اهو ثابت ڪيو ??هي?? ته ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن، ڄمون ڪشمير تڪرار جي حل تي ٻڌل آهي. ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن ۽ سلامتي حاصل ڪرڻ ل??ءِ ڀارت کي هر حال ۾ تڪرارن کان انڪار بج??ءِ انهن تڪرارن جي حل طرف اڳيان وڌڻو پوندو. هن چيو ته عالمي برادري کي ڀارت تي زور ڀرڻ گهرجي ته هو غيرقانوني طور تي ڀارتي قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين کي روڪي. 5 آگسٽ 2019ع جي هڪ طرفي ۽ غيرقانوني قدمن کي واپس وٺي. پنهنجي فوج کي معصوم ڪشميرين تي ظلم ڪرڻ جي کليل آزادي ڏيندڙ قانونن کي ختم ڪري ۽ ڄمون ڪشمير تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن تي عملدرآمد ڪرايو وڃي. هن چيو ته پاڪستان ڪشميري عوام جي خوداراديت واري حق کي حاصل ڪرڻ تائين انهن جي ڀرپور اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو.
ڀارت 5 آگسٽ 2019ع جي هڪ طرفي ۽ غيرقانوني قدمن کي واپس وٺي، پاڪستان ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : سپر اسپنر