اسلام آباد -13 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) وچ ۾ اسٽاف ليول معاهدي تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته نئون قرض پروگرام پاڪستان ۾ معاش?? استحڪام جو سبب بڻجندو، قرضن کان نجات ۽ معاشي خوشحالي جو دور جلد ايندو، پاڪستان کي مشڪل معاشي صورتحال مان ڪڍڻ ۾ آءِ ايم ايف معاهدو اهم ثابت ٿيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب آءِ ايم ايف پاڪستان سا?? 37 مهينن جي قرض پروگرام تي آمادگي جو اظهار ڪيو، جنهن تحت پاڪستان کي 7 ارب آمريڪي ڊالرز ملندا. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي معاشي تحفظ لاءِ سخت ۽ مشڪل فيصلا ڪيا، مشڪل فيصلن جا ثمر معاش?? استحڪام جي صورت ۾ سا??هون اچي رهيا آهن، پاڪستان کي مشڪل معاشي صورتحال مان ڪڍڻ ۾ آءِ ايم ايف معاهدو اهم ثابت ٿيو. وزيراعظم چيو ته مشڪل وقت ۾ سا?? ڏيڻ تي آءِ ايم ايف جو ٿورائتو آهيان. حڪومت معيشت کي بهتر بڻائڻ لاءِ ترجيحي بنيادن تي ڪم جاري رکيون پئي اچي، آءِ ايم ايف پروگرام سا?? پاڪستان ۾ مالياتي ۽ مانيٽري پاليسي کي مضبوط بڻائڻ جي قدمن سا?? گڏوگڏ ٽيڪس بيس کي وسيع ڪيو ويندو، گذريل هڪ سا?? دوران پاڪستان ۾ پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا بهتر ٿيا ۽ معاش?? استحڪام کي هٿي حاصل ٿي. وزيراعظم چيو ته ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب سميت سموري معاشي ٽيم ۽ صوبن جي وڏن وزيرن جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. نئون قرض پروگرام پاڪستان ۾ معاش?? استحڪام جو سبب بڻجندو، انشا الله قرضن مان نجات ۽ معاشي خوشحالي جو دور جلد ايندو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ک?? استحڪام کان مضبوط ۽ پائيدار بحالي طرف وٺي وڃڻ اسان جو عزم آهي، ڪاميابي ان ڏينهن ٿيندي، جنهن ڏينهن اسان قرضن مان نجات حاصل ڪنداسين. حڪومت معاشي سڌارن جي ايجنڊا کي تيزي سا?? اڳيان وڌائي رهي آهي. وزيراعظم چيو ته انهن قدمن سا?? ملڪ جي اقتصادي بنيادن کي مضبوط ڪرڻ ۽ شهرين لاءِ پائيدار ترقي ۽ خوشحالي جي راهن جو تعين ڪرڻ سا?? مدد ملندي. حڪومت پاليسي سڌارن ۽ مالياتي هدف کي سختي سا?? عملدرآمد ڪري ملڪ جي گهٽ آمدني واري طبقي جو سهارو بڻي. وزيراعظم چيو ته اسان معيشت ۾ بهتري لاءِ ايڪ??چي??ج ريت کي مستحڪم ڪيو، پائيدار اوسر واري شرح حاصل ڪرڻ لاءِ قدم کنيا، پاڪستان ک?? استحڪام جي مرحلي کان اڳتي وٺي وڃي طاقتور معيشت طرف وڃڻو پوندو. انشا الله اسان جي قدمن سا?? معاشي ترقي جو سفر مڪمل ٿيندو.
مشڪل معاشي صورتحال مان ڪڍڻ ۾ آءِ ايم ايف معاهدو اهم ثابت ٿيو، قرضن مان نجات ۽ معاشي خوشحالي جو دورو جلد ايندو: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : نقدی پھٹنا