راولپنڊي-10 جولاءِ (اي پي پي) دهشتگردي جي خاتمي جي حوالي سان پاڪ – آمريڪا انفينٽري رائفل ڪمپني مشق 2024ع پڄاڻي تي پهتي جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جي پيشيوراڻي فوج جي انفينٽري رائفل ڪمپني جوش ۽ جذبي سان حصو ورتو. آءِ ايس پي آر طرفان ج??ري پريس رليز موجب پاڪ – آمريڪا انفينٽري رائفل ڪمپني مشق 2024ع جي پڄاڻي و??ري تقريب نيشنل ڪائونٽر ٽيررازم سينٽر پبي ۾ منعقد ٿي. پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ ”انفينٽري رائفل ڪمپني مشق 2024ع“ پهريون ڀيرو دهشتگردي جي خاتمي جي شعبي ۾ منعقد ڪئي وئي. ٻن هف??ن تي ٻڌل مشقون 29 جون 2024ع تي نيشنل ڪائونٽر ٽيررازم سينٽر (اين سي ٽي سي) پبي ۾ شروع ٿيون. ٻنهي پيشيوراڻي فوجن مان هر هڪ ڪمپني جوش ۽ جذبي سان حصو ورتو. جنرل آفيسر ڪمانڊنگ 17 ڊويزن پڄاڻي و??ري تقريب ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪئي. آمريڪي فوج جي 34 انفينٽري ڊويزن جي ڪمانڊنگ جنرل ميجر جنرل چارلس جي ڪيمپر به پڄاڻي و??ري تقريب ۾ شرڪت ڪئي. شرڪت ڪندڙن مشقن دوران پيشيوراڻي مهارتن جي اعليٰ ترين معيار جو مظاهرو ڪيو. انفينٽري رائفل ڪمپني ايڪسچينج جو مقصد مشقن جي طريقيڪار کي بهتر بڻائڻ کانس??اء?? ٻنهي ملڪن کي درپيش دهشتگردي جي دائمي خطرن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ اهم دهشتگردي جي خاتمي جي تجربن جي ڏي وٺ ڪ??ڻ هو. ان دائري ڪار ۾ انفرادي ۽ اجتماعي سطح تي مهارت حاصل ڪرڻ کانس??اء?? اربن وار فيئر ۾ شامل مارڪ مين شپ جي مهارت سان گڏوگڏ فني مهارتن کي حاصل ڪرڻ تي به زور ڀريو ويو.
دهشتگردي جي خاتمي جي حوالي سان پاڪ – آمريڪا انفينٽري رائفل ڪمپني مشق 2024ع پڄاڻي تي پهتي
مضمون کا ماخذ : سشی ایکسپریس