بيجنگ – 16 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار بيجنگ ۾ چين جي ايگزم ??ئنڪ جي چيئرمين ووفلن سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آ??يس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ ايگزم ??ئنڪ جي چيئرمين ايگزم ??ئنڪ جي پاڪستان سان پراڻي تعاون ۽ پاڪستان ۾ مستقبل جي سيڙپڪاري ۾ دلچسپي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات دوران نائب وزيراعظم مالياتي ۽ اقتصادي استحڪام جي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن ۽ ڪاروبار دوست پاليسين جو خاڪو پيش ڪيو، هن خاص طور تي پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي شاندار ڪارڪردگي کي ساراهيو. نائب وزيراعظم پاڪستان جي معيشت تي عالمي سيڙپڪارن جي اعتماد جي تجديد ڪئي. نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار سي پيڪ تحت پاڪستان ۾ اهم ترقياتي منصوبن جي لاءِ ايگزم ??ئنڪ جي ??رپ??ر حمايت کي ساراهيو. نائب وزيراعظم بئنڪ کي قابل تجديد توانا??ي، زراعت، صنعتڪاري ۽ صنعتي شعبن ۾ فنانسنگ جي نئين منصوبن جي ڳولا جي دعوت پڻ ڏني.
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار جي چين جي ايگزم بئنڪ جي چيئرمين ووفلن سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ نمبر