اسلام آباد-27 آڪٽوبر (اي پي پي) ڪشمير فلسطين يڪجهتي ڪانفرنس جي شرڪت ڪندڙن چيو آه?? ته ڪشميرين ۽ فلس??ين??ن کي حق ڏيڻ بدران قتلِ عام ڪرڻ ظلم جي انتها آه??، او آءِ سي ڪردار ادا نه ڪيو ته باقي دنيا به محفوظ نه رهندي، پوري ڪشميري قوم فلس??ين??ن سان گڏ آه??. اهڙو اظهار هنن 27 آڪٽوبر تي ڪاري ڏينهن جي موقعي تي جماعت اسلامي آزاد ڪشمير جي انتظام هيٺ ڪشمير فلسطين يڪجهتي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. مقررن ۾ حسن ابراهيم، محمود ساغر، غلام محمد صفي، م??لانا امتياز صديقي، عبدالرشيد ترابي ۽ ٻيا شامل هئا. جماعت اسلامي جي امير ڊاڪٽر محمد مشتاق خان چيو ته آمريڪا کي جانبدار پاليسين سبب دنيا امن کان محروم آه??، ڪشمير ۽ فلسطين 75 سالن کان ظلم جو شڪار آه??، هندستان ۽ اسرائيل ڪشميرين ۽ـ فلسطين جو رت پاڻيءَ وانگر وهائي رهيا آه??. ڪشميري تڪميل پاڪستان جي جنگ وڙهي رهيا آه??. ڪشميري ۽ فلس??ين?? آزاديءَ تائين پنهنجي جدوجهد جاري رکندا. ڪانفرنس کي خطاب ڪندي آزاد ڄمون ڪشمير جي اڳوڻي وزيراعظم سردار تنوير الياس خان چيو آه?? ته جماعت اسلامي ڪشمير فلسطين يڪجهتي ڪانفرنس رٿڻ احسن قدم آه?? ۽ او آءِ سي پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪري ۽ ڪشميرين ۽ فلس??ين??ن تي ظلم جو سلسلو بند ڪري. پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ چوڌري ياسين چيو ته ڪشمير ۽ فلسطين ۾ ظلم ٿي رهيو آه??، اسلامي ملڪ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. ڄمون ڪشمير پيپلز پارٽي جي صدر حسن ابراهيم چيو ته ڪشمير ۽ فلسطين ۾ ٻارن کي مارڻ، عورتن سان زيادتي سميت ا??ساني حقن جون خلاف ورزيون ٿي رهيون آه??. ان موقعي تي حريت ڪانفرنس جي ڪنوينر محمود ساغر، تحريڪ حريت جي ڪنوينر غلام محمد صفي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. ان موقعي تي ڪانفرنس جي گڏيل پڌرائي جاري ڪئي وئي. جنهن ۾ چيو ويو آه?? ته فلسطين ۽ ڪشمير هڪ سڪي جا ٻه پاسا آه?? ٻنهي جي تڪرارن جي شروعات 1947ع کان ٿي آه??، گڏيل قومون 1948ع ۾ فلسطين ۽ ڪشميرين جي عوام کي خوداراديت ڏيارڻ جو وعدو ڪيو هو جيڪو اڄ تائين پورو نه ٿي سگهيو آه??. فلس??ين?? پنهنجي رياست بحال نه ڪرائي سگهيا ته ڪشميرين کي به گڏيل قومن جي سرپرستيءَ ۾ خوداراديت وارو حق نه ملي سگهيو. عالمي ادارا گڏيل قومن طرفان فلسطين ۽ ڪشمير بابت پنهنجي قراردادن تي عمل ڪرائڻ ۾ ناڪاميءَ سبب ٻئي اولهه ۽ ڏکڻ ايشيا جا خطا فوجي تڪرار جي صورت ۾ عدم استحڪام جو شڪار آه??. پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آه?? ته لکين ماڻهو پنهنجون قيمتي جانيون وڃائي چڪا، ڪروڙين زخمي ۽ بي گ??ر ٿي چڪا آه??، شهري انفراسٽرڪچر ۽ ماڻهن جي زندگين کي پهتل نقصان جو حساب لڳائڻ مشڪل آه??. هنن چيو ته جنگي ڏوهن، انسانيت خلاف ڏوهن، نسل ڪشي جي حدن کي ڇُهندڙ انساني حقن جي خلاف ورزين جو جائزو وٺڻ لاءِ امدادي تنظيمون ۽ گڏيل قومن جا مبصر آزاداڻو ۽ بنا روڪ ٽوڪ جي رسائي ڪن ۽ ڪشمير ۽ فلسطين جي آزاديءَ لاءِ ڪردار ادا ڪن.
ڪشميرين ۽ فلسطينين کي حق ڏيڻ بدران قتلِ عام ڪرڻ ظلم جي انتها آهي، او آءِ سي ڪردار ادا نه ڪيو ته باقي دنيا به محفوظ نه رهندي، پوري ڪشميري قوم فلسطينين سان گڏ آهي: ڪشمير فلسطين يڪجهتي ڪانفرنس جي گڏيل پڌرائي
مضمون کا ماخذ : بہت سے نتائج