لنڊن – 13 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيل??ني لنڊن ۾ ڪامن ويلٿ يوٿ م??سٽرز اجلاس دوران برطانوي منسٽر آف اسٽيٽ لارڊ طارق احمد سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب نگران پرڏيهي وزير ۽ لارڊ طارق احمد پاڪستان ۽ برطانيا جي گڏيل لاڳاپن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي وزيرن گڏيل لاڳاپن جي موجوده رخ تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ ٻنهي طرفن کان گڏيل لاڳاپن جي وڌيڪ فروغ جي لاءِ گڏيل قدمن تي اتفاق سان گڏوگڏ گڏيل واپار ۾ اضافي، تعليم جي شعبي ۾ تعاون ۽ موسمياتي تبديلين کي منهن ڏي?? جي لاءِ گڏيل حڪمت عملي تي غور ڪيو ويو. ٻنهي وزيرن گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏي?? جي لاءِ اداراجاتي رابطن کي مضبوط بڻائڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيل??ني ۽ لارڊ طارق احمد برطانيا ۾ موجود پاڪست??ني ڪميونٽي ??ي ٻنهي ملڪن جي لاءِ خدمتن کي ساراهيو.
نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني جي برطانوي منسٽر آف اسٽيٽ لارڊ طارق احمد سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : بک آف ڈیڈ