اسلام آباد – 11 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشر??ات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ ??ول??گي عوام کي قانوني معاملن ۽ اهم عدالتي فيصلن کان آگاهي فراهم ڪرڻ ۾ ڪورٽ رپورٽرز جي خدمتن کي ساراهيندي چيو آهي ته ميڊيا جو بنيادي مقصد صحيح معلومات عوام تائين پهچائڻ آهي، صحافت ۾ ڪورٽ رپورٽرز جو ڪردار اهميت رکندڙ آهي، ڪورٽ رپورٽنگ ٽيڪنيڪل فيلڊ آهي، وڪيلن وانگر صحافين کي به قانون کان آگاهي رکڻي پوندي آهي. اها ڳالهه هن ملاقات جي لاءِ آيل پريس ايسوسيئيشن آف سپريم ڪورٽ جي وفد سان ڳالهائيندي ڪئي. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير پريس ايسوسيئيشن آف سپريم ڪورٽ جي نئين چونڊيل عهديدارن صدر طيب بلوچ، جنرل سيڪريٽري اع??م گل، اطلاعات واري سيڪريٽري شهريار شعيب بخاري ۽ ٻين کي عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. ان موقعي تي اطلاعات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ ??ول??گي چيو ته نگران حڪومت صحافت جي آزادي تي پڪو يقين رکي ٿي. هن چيو ته سپريم ڪورٽ جي ڪوريج انتهائي اهم ۽ حساس معاملو آهي. ڪورٽ رپورٽر بهتر طريقي سان اها ذميواري سرانجام ڏئي رهيا آهن. هن ذميواراڻي صحافت کي وقت جي ضرورت قرار ڏيندي چيو ته غيرجانبداراڻي ۽ ذميواراڻي صحافت سان ئي معاشرو صحيح رخ وٺي سگهي ٿو. نگران وفاقي وزير چيو ته فيلڊ ۾ ڪم ڪندڙ صحافين جا مسئلا حل ڪنداسين.
ميڊيا جو بنيادي مقصد صحيح معلومات عوام تائين پهچائڻ آهي: مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : سمندری ڈاکو گولڈ