اسلام آباد – 02 – جنوري (اي پي پي) قومي سلامتي ڪميٽي ان عزم جو اظهار ڪيو آهي ته ملڪي سلامتي تي ڪو ٺ??هه نه ڪيو ويندو، پاڪستان ۾ دهشتگردي جي خلاف زيرو ٽالرنس پاليسي هوندي، دهشتگردي کي پوري رياستي قوت سان منهن ڏنو ويندو، ڌرتيءَ جي هڪ هڪ انچ تي رياست جي عملداريءَ برقرار رکي ويندي، ٻوڏ متاثر علائقن جي بحالي ۽ نئين سر تعمير جي لاءِ سمورن وسيلن کي متحرڪ ڪيو ويندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ قومي سلامتي ڪميٽي جو 40هون ا??لا?? ٿيو. ا??لا?? ۾ وفاقي وزيرن، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي، ٽنهي سروسز جي چيفس ۽ ان??يلي جنس ادارن جي سربراهن شرڪت ڪئي. پڌرنامي موجب ا??لا?? قرار ڏنو ته ”قومي سلامتي“ جو تصور معاشي سلامتي جي چوڌاري گهمي ٿو ۽ اهو ته معاشي پاڻڀرائپ ۽ خودمختياري کانسواءِ قومي خودمختياري ۽ وقا?? تي دٻاءُ اچي ٿو. ا??لا?? ۾ جاري معاشي صورتحال جو جامع جائزو ورتو ويو جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستان جي عام ماڻهو خاص طو?? تي هيٺئين ۽ وچولي طبقن کي چئلينجز کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. ناڻي واري وزير ا??لا?? کي معاشي استحڪام جي لاءِ حڪومتي روڊ ميپ تي بريف ڪيو جنهن ۾ عالمي مالياتي ادارن سان ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه، گڏيل مفاد تي ٻڌل ٻين اقتصادي ذريعن ڳولڻ سان گڏوگڏ عام ماڻهو کي ريليف جا جامع قدم شامل آهن. معيشت جي مضبوطي جي لاءِ ڪميٽي ٺوس قدمن تي اتفاق ڪيو جن ۾ درآمدات ۾ توازن آڻڻ ۽ ڪرنسي جي ٻاهرئين ملڪ غيرقانوني منتقلي جو خاتمو آهي. زراعت جي پيداوار ۽ مينوفيڪچرنگ شعبي ۾ اضافي جي لاءِ خاص طو?? تي ڌيان ڏنو ويندو ته جيئن فوڊ سيڪيورٽي، درآمدات جي متبادل ۽ روزگار جي موقعن کي يقيني بڻائي سگهجي. عزم ظاهر ڪيو ويو ته عوامي مفاد ۽ ڀلائي تي ٻڌل معاشي پاليسيون اولين ترجيح هونديون جنهن جي ثمرن مان عام ماڻهو فائدو کڻي. اتفاق ڪيو ويو ته سمورين لاڳاپيل ڌرين جي مشاورت سان تيز رفتار معاشي بحالي ۽ روڊ ميپ تي اتفاق راءِ پيدا ڪيو وڃي. 3 ڪروڙ 30 لک ٻوڏ متاثرين جي مشڪلاتن تي غور ڪندي ا??لا?? عزم ظاهر ڪيو ته صوبائي حڪومتن ۽ گهڻ رخي مالياتي ادارن جي تعاون سان ٻوڏ متاثرين جي بحالي ۽ نئين سر تعمير جي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آندا ويندا. ا??لا?? وزيراعظم جي قيادت ۾ سمورين وفاقي ڌُرين سان گڏجي ٻوڏ متاثرين جي امداد ۽ بحالي جي لاءِ ڪوششن کي ساراهيو. ڪميٽي کي ملڪ خاص طو?? تي خيبرپختونخو??هه ۽ بلوچستان ۾ سيڪيورٽي جي صورتحال کان پڻ آگ??هه ڪيو ويو. وزيراعظم زور ڏنو ته نيشنل ايڪشن پلان ۽ قومي سيڪيورٽي پاليسي موجب وفاق ۽ صوبائي حڪومتون دهشتگردي جي خلاف جنگ جي قيادت ڪنديون جنهن ۾ عوام جي سماجي ۽ معاشي ترقي کي مرڪزيت حاصل آهي. سازگار موزون محفوظ ماحول کي يقيني بڻائڻ ۾ هٿياربند فوج هڪ ٺوس ڊيٽرنس فراهم ڪندي. صوبائي ايپڪس ڪميٽيون بحال ڪيون پيون وڃن جڏهن ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارا خاص طو?? تي دهشتگردي جي خاتمي جي ادارن جي صلاحيتن ۽ سگهه کي گهربل معيا?? تي آندو ويندو. ا??لا?? قرار ڏنو ته ڪنهن به ملڪ کي پنهنجي سرزمين دهشتگردن جي پناهگ??هه طور استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي ۽ پاڪستان پنهنجي عوام جي تحفظ ۽ سلامتي جي دفاع جو هر حق محفوظ رکي ٿو. قومي سلامتي ڪميٽي (اين ايس سي) پاڪستان ۾ دهشتگردي جي لاءِ ”زيرو ٽالرنس“ جي عزم کي ورجائيندي هر قسم جي دهشتگردي پاڙ کان پٽي اڇلائڻ جو وچن ورجايو. دهشتگردي کي پوري رياستي قوت سان منهن ڏنو ويندو. پاڪستان جي سلامتي تي ڪو ٺ??هه نه ٿي ٿو سگهي ۽ پاڪستان جي سرزمين جي هڪ هڪ انچ تي رياستي عملداري کي يقيني بڻايو ويندو.
قومي سلامتي ڪميٽي پاران ملڪي سلامتي تي ڪو ٺاهه نه ڪرڻ جي عزم جو اظهار، پاڪستان ۾ دهشتگردي جي خلاف زيرو ٽالرنس پاليسي اختيار ڪرڻ ۽ دهشتگردي کي پوري رياستي قوت سان منهن ڏيڻ جو فيصلو
مضمون کا ماخذ : estratégias para loteria