اسلام آباد-21 نومبر (اي پي پي)صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي شهيدن جي ڪٽنب سان ٽيليفون تي رابطو ڪري تعزيت جو اظهار ڪيو. سومر ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ م??ن جاري بيان مطابق صدر مملڪت شهيد نائيڪ تاج محمد ۽ لانس نائيڪ امتياز احمد جي گهر ڀاتين سان افسوس جو اظهار ڪيو. ٻئي 15 نومبر تي ضلعي باجوڙ جي علائقي هلال خيل جي حملي ۾ شهيد ٿيا. صدر مملڪت شهيدن جي والدين سان ??ال??ايو. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اوه??ن جي پُٽن جون خدمتون ڪڏهن ب?? وِساري نه سگهبي??ن، قوم وطن جي بهادر پُٽن کي خراجِ عقيدت پيش ڪري ٿي. صدر مملڪت دُعا ڪئي ته الله تعاليٰ سن??ن روح کي ابدي سڪون عطا فرماءِ. هن چيو ته ملڪ ۾ دهشتگردي جي باقيات جي مڪمل خاتمي تائين اس??ن جون ڪوششون جاري رهنديون.
مضمون کا ماخذ : ٹکی انماد