اسلام آباد – 22 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان عالمي سطح تي ڪنهن گروپ جو حصو نه آهي، پاڪستان روس سان بهترين ۽ سمورن ملڪن سان واپاري لاڳاپن جو خواهشمند آهي، اسان چاهيون ٿا ته يوڪرين جو مسئلو پرامن طريقي سان حل ٿئي، طاقت جي بدران ڳالهين سان مسئلن کي حل ڪرڻ جو قائل رهيو آهيان، پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ اصل مسئلو ڪشمير جو آهي، اسرندڙ ملڪن جو پئسو واپس ڪرڻ جي لاءِ ترقي يافته ملڪن کي ڪو قانون ٺاهڻ گهرجي. دولت جي غيرمنصفاڻي ورڇ ۽ مني لانڊرنگ تمام وڏو چئلينج آهي، جيستائين توهان پ??هن??ي غلطين مان نه ٿا سکو اڳتي نه ٿا وڌي سگهو. اهڙن خيالن جو اظهار هن روسي ٽي وي آر ٽي کي ڏنل انٽرويو ۾ ڪيو. وزيراعظم عمران خان چ??و ته انسان سدائين خدا جي ??ولا ۾ رهي ٿو، ٻين انسانن جي بهتري لاءِ سوچڻ اسان جي ذميواري آهي، انسان کي ڪيترائي چئلينجز درپيش آهن. هن چ??و ته ماحولياتي آلودگي هڪ تمام وڏو چئلينج آهي، ان جي ??ري دنيا متاثر ٿي رهي آهي، پاڪستان ماحولياتي آلودگي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چ??و ته دولت جي غيرمنصفاڻي ورڇ ۽ مني لانڊرنگ تمام وڏو چئلينج آهي، حڪمرانن جي ??رپشن ۽ پئسي جي منتقلي سان اسرندڙ ملڪن کي وڌيڪ مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، حڪمرانن جي ??رپشن سان ادارا تباهه ٿي وڃن ٿا. هن چ??و ته مني لانڊرنگ ۽ غيرمنصفاڻي ورڇ سان غربت ۾ اضافو ٿئي ٿو، ملڪ جو پئسو ٻاهر منتقل ڪرڻ تباهي جي برابر آهي. هن زور ڏنو ته ان سلسلي ۾ اسرندڙ ملڪن جو پئسو واپس ڪرڻ جي لاءِ ترقي يافته ملڪن کي ڪو قانون ٺاهڻ گهرجي. هن چ??و ته ماضي ۾ سرد جنگ پوري دنيا کي پ??هن??ي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو هو، جڏهن ته پاڪستان عالمي سطح تي ڪنهن گروپ جو حصو نه آهي، البته هن چ??و ته ماضي ۾ پاڪستان آمريڪي گروپ جو حصو هو. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چ??و ته اسان سمورن ملڪن سان واپاري لاڳاپا چاهيون ٿا، ??فغ??ن پناهگيرن کي پاڪستان پناهه ڏني، ٻاهرئين امداد هڪ لعنت آهي، ان جي لاءِ ملڪن کي غلط فيصلا ڪرڻا پون ٿا، جيستائين توهان پ??هن??ي غلطين مان نه ٿا سکو اڳتي نه ٿا وڌي سگهو. هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چ??و ته ڪورونا جي ??ري پوري دنيا جي معيشت کي جهٽڪو لڳو آهي. وزيراعظم عمران خان چ??و ته اسان چاهيون ٿا ته يوڪرين جو مسئلو پرامن طريقي سان حل ٿئي، آئون طاقت بدران ڳالهين سان مسئلن کي حل ڪرڻ جو قائل رهيو آهيان. پ??هن??ي روس جي دوري جي ??س ۾ وزيراعظم چ??و ته پاڪستان روس سان بهترين لاڳاپن جو خواهشمند آهي. هن هڪ سوال جي جواب ۾ چ??و ته ڀارت پ??هن??ي ماڻهن کي غربت مان ٻاهر ڪڍڻ جي لاءِ قدم کڻي، پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ اصل مسئلو ڪشمير جو آهي، جڏهن اقتدار سنڀال??و ته ڀارت کي ڳالهين جي دعوت ڏني، ڀارت ۾ فاشسٽ نظريا رکندڙ پارٽي جي حڪومت آهي. هن چ??و ته اسان چاهيون ٿا ته ايران مٿان پابنديون ختم ٿي وڃن، غربت جي خاتمي لاءِ اسان کي چين کان سکڻو پوندو، ٻين انسانن جي بهتري لاءِ سوچڻ اسان جي ذميواري آهي.
پاڪستان عالمي سطح تي ڪنهن گروپ جو حصو نه آهي، پاڪستان روس سان بهترين ۽ سمورن ملڪن سان واپاري لاڳاپن جو خواهشمند آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا اکومولڈا