اسلام آباد – 15 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته حڪومت بلوچستان جي ترقي جي لاءِ خصوصي قدم کڻي رهي آهي، بلوچستان جي لاءِ خصوصي ترقياتي پئڪيج سان صوبي ۾ خوشحالي ايندي، خصوصي ماڻهن ۽ بلوچستان جي نوجوانن کي حڪومت جي قرض اسڪيمن بابت رهنمائي فراهم ڪئي وڃي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اه??ن خيالن جو اظهار هن گورنر هائوس ڪوئيٽا ۾ خصوصي ماڻهن جي ڀلائي جي حوالي سان قدمن تي بريفنگ دوران ڪيو. اجلاس ۾ بلوچستان جي گورنر سيد ظهور آغا، وڏي وزير مير عبدالقدوس بزنجو ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي. صدر چي?? ته خصوصي ماڻهن کي معاشري جو ڪارائتو شهري بڻائڻ ضروري آهي، خصوصي ماڻهن کي هنرمند بڻائڻ جي لاءِ ووڪيشنل ٽريننگ سينٽرز جي دائري ک?? سگهه ڏيڻي پوندي، خصوصي ماڻهو معاشري جو اهم حصو آهن، ??ن کي هنرمند بڻائڻ جي ضرورت آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چي?? ته بلوچستان جي ترقي سان پوري ملڪ ۾ خوشحالي ايندي، ترقياتي پئڪيج سان صوبي جي محرومين جو ازالو ڪرڻ ۾ مدد ملندي، بلوچستان جي ترقي جي لاءِ خصوصي ترقياتي پئڪيج سان صوبي ۾ خوشحالي ايندي. هن چي?? ته بلوچستان جا نوجوان حڪومت پاران ڪاروباري قرض جي اسڪيمن مان فائدو کڻن. صدر هدايت ڪئي ته خصوصي ماڻهن ۽ بلوچستان جي نوجوانن کي حڪومت جي قرض اسڪيمن بابت رهنمائي فراهم ڪئي وڃي.
حڪومت بلوچستان جي ترقي جي لاءِ خصوصي قدم کڻي رهي آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : loteria instantânea