اسلام آباد-08 سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته اف??انستان ۾ نئ??ن صورتحال کي نئين تناظر سان ڏسندي ۽ هڪ حقيقت پسنداڻي ۽ زميني حقيقتن مطابق سوچ اختيار ڪندي اڳيان وڌڻ گهرجي، اسان کي اف??ان عوام سان مڪمل يڪجهتي ۽ انهن جي حمايت ڪرڻ گهرجي. اف??انستان جو استحڪام پاڙيسري ملڪن جي سڌي ريت مفاد ۾ آهي، عالمي برادري ان اهم ۽ نازڪ مرحلي تي پنهنجا رابطا برقرار رکي، سفارتي ۽ عالمي موجودگيءَ جي تجديد سان اف??ان عوام کي هڪ نئون يقين ۽ اعتماد ملندو. اهڙو اظهار هن اف??انستان جي ص??رتحال تي پرڏيهي وزارت ۾ علائقائي پرڏيهي وزيرن جي ورچوئل ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ڪانفرنس جي ميزباني پاڪستان ڪئي. جڏهن ته ورچوئل ڪانفرنس ۾ چين، ازبڪستان، ترڪمانستان، تاجڪستان ۽ ايران جي پرڏيهي وزيرن شرڪت ڪئي. پرڏيهي وزير چيو ته گذريل ڪجهه هفتن ۾ ٿيل واقعن اسان جي خطي کي عالمي ڌيان جو مرڪز بڻائي ڇڏيو آهي، غير متوقع ۽ اوچتو ٿيل انهن واقعن سان اهميت جوڳي ڳالهه اها آهي ته ڏهاڪن کان جاري خونريزي ناهي ورجائي وئي. ڊگهو تڪرار ۽ گهرو ويڙهه جو امڪان في الحال ٽري ويو آهي، پر ان باوجود صورتحال پيچيده ۽ غير مستحڪم آهي. هڪ ڳالهه يقيني آهي ته اسان سڀ اف??انستان ۾ تبديل شده حقيقت کي ڏسڻ ۾ مصروف آهيون. پرڏيهي وزير چيو ته طالبان عبوري حڪومت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، اسان ان اڳڀرائيءَ کي ڏسي رهيا آهيون، اسان کي اميد آهي ته سياسي ص??رتحال جلد کان جلد مستحڪم ٿيندي ۽ حالتون بهتريءَ طرف وينديون. هن چيو ته اسان جي ڪوششن جو بنيادي محور اف??ان عوام جي ڀلائي ۽ بهتري هئڻ گهرجي جيڪا قوم 40 سالن کان وڌيڪ عرصي کان تڪرار هيٺ آهي ۽ عدم استحڪام سبب بي پناهه ڏُکيائين کي مُنهن ڏنو آهي. اف??انستان ۾ ٿيل واقعا سمورن ڇهن پاڙيسري ملڪن لاءِ واضح خراب تناظر ۾ آهن، اسان ويجهن رابطن ۽ ڀائيچاري تي اتفاق ڪيو هو. هن چيو ته هاڻي تائين ٿيل مشاورت سان هيٺان معاملا سامهون آيا آهن جن تي بدلجندڙ صورتحال ۾ گڏيل سوچ برقرار آهي، جهڙوڪ سرحدن جي سلامتي جي ص??رتحال، اف??ان ڌرتيءَ کي دهشتگرد تنظيمن هٿان استعمال ٿيڻ کان بچائڻ، پناهگيرن جي نئين لهر جي ايندڙ امڪان، منشيات ۽ ڊگهي مُدي وارن ڏوهن جي روڪٿام، انتهاپسند عنصرن کي روڪڻ، ڪورونا وبا بابت ڏُکيائين جا مسئلا، خطي کي ڳنڍڻ ۾ درپيش رڪاوٽون شامل آهن. هن چيو ته اسان به ان ڳالهه تي اتفاق ڪريون ٿا ته اف??انستان ۾ امن قائم ٿي وڃي ته ان جا تمام گهڻا فائدا آهن جنهن سان خطي جون سرحدون محفوظ ٿينديون ۽ اف??انستان ڌرتيءَ تان دهشتگرديءَ جو خطرو ٽري ويندو، اف??ان پناهگيرن جي وطن واپسيءَ جا امڪان روشن ٿي ويندا، معاشي استحڪام ?? عوام جي زندگيءَ جي معيار ۾ بهتري ايندي. شاهه محمود قريشي چيو ته پُرامن، مستحڪم، خوشحال خطي لاءِ اسان جي گڏيل سوچ کي اڳيان وڌائڻ لاءِ اف??انستان کي ان قابل بڻائڻو پوندو ته اهي ان آزمائش جي گهڙيءَ مان نڪرن ۽ پنهنجون ڀرپور صلاحيتون ڪتب آڻين. اسان جي سوچ ۾ ڪيترائي اهم نُڪتا ۽ ترجيحون آهن جيڪي ان رُخ ۾ اسان جي ڪوششن ۾ اسان جي رهنمائي ڪن ٿيون. پهريان ته اسان کي اف??ان عوام سان گڏجي مڪمل اعتماد ڪرڻ لاءِ انهن جي حمايت ڪرڻي پوندي. ٻيو اسان کي هڪ متحد، خودمختيار ۽ جاگرافيائي سطح تي سلامتيءَ واري اف??انستان جي مڪمل حمايت جو ورجاءُ ڪرڻو پوندو. ٽيون اسان کي ان ڳالهه تي زور ڀرڻو پوندو ته اف??ان مسئلي جو اف??انين کي ئي مسئلو حل ڪرڻ گهرجي. چوٿون اسان کي واضح ڪرڻو آهي ته اف??ان ڌرتيءَ کي ڪنهن به ملڪ خلاف استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏيڻ گهرجي. پنجون اسان کي اف??ان ڊگهي مُدي واري اهميت کي سمجهندي قومي مفاهمت جي اهميت تي زور ڀرڻو پوندو. هن چيو ته هاڻوڪي اڳڀرائيءَ جي تناظر ۾ اهم ترجيحيات اهي شامل آهن ته انساني نوعيت جو بحران جنم نه وٺي جنهن سان اف??انين جون ڏُکيائون وڌيڪ وڌي وينديون. پرڏيهي وزير چيو ته عالمي برادري خاص طور تي ان اهم ۽ نازڪ مرحلي تي پنهنجا رابطا برقرار رکي. سفارتي ۽ عالمي موجودگيءَ جي تجديد سان اف??ان عوام کي هڪ نئون يقين ۽ اُميد ملندي. پرڏيهي وزير تجويز پيش ڪئي ته پاڙيسري ملڪ ان اهم پليٽ فارم کي مستقل ۽ باضابطه مشاورتي نظام ?? تبديل ڪن ۽ مستقبل ۾ اف??انستان کي ان ۾ گُهرائڻ لاءِ به سوچي سگهجي ٿو. اف??انستان جي ان ۾ شموليت سان فورم جو اثرائتو هجڻ ۽ اف??انستان ۾ جٽادار امن ۽ استحڪام جي اسان جي گڏيل مقصدن تي اڳڀرائيءَ کي هٿي ملندي. اف??انستان جي استحڪام ?? پاڙيسري ملڪن جو سڌيءَ ريت مفاد آهي، عالمي برادريءَ لاءِ اسان جو گڏيل آواز پُرامن، مستحڪم ۽ خوشحال اف??انستان جي پيغام کي طاقت ڏيندو.
افغانستان ۾ نئين صورتحال کي نئين تناظر سان ڏسڻ گهرجي: پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي جو علائقائي پرڏيهي وزيرن سان ورچوئل ڪانفرنس کي خطاب
مضمون کا ماخذ : اٹلانٹس کا بادشاہ