سيالڪوٽ – 14 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته مولانا فضل الرحمان ۽ سندس ساٿين جي سياست کي عو??م رد ڪري ڇڏيو آهي، جنهن کي عو??م رد ڪيو آهي اهي چونڊيل حڪومت ڪيرائڻ جون سازشون ڪري رهيا آهن، ٻانهون کنجي عو??م کي درس ڏيندڙ تبليغي ٽولي جي ڪرپشن جي حساب ڪتاب جو وقت اچي ويو آهي، مسيحا جو ويس بدلائي گ??مندڙن جا ڪوڙا چهرا عو??م جي سامهون بي نقاب ٿيڻ وڃي رهيا آهن، سيالڪوٽ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وزيراعظم جي خاص معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته ملڪي معيشت ۾ استحڪام کانپوءِ عو??م جي رليف جون ٿڌيون هوائون هلي رهيو آهن، حڪومت وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ عو??م کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، هن چيو ته اهڙي طرح جي صورتحال ۾ جڏهن عو??م جي ڀلائي ۽ ترقي لاءِ حڪومت ??دم کڻي رهي آهي ته اهڙي ماحول ۾ سياسي يتيمن جو ٽولو پنهنجو پاڻ کي سياسي محاذ تي زنده رکڻ لاءِ لطيفا ٻڌائيندو رهندو آهي.
مولانا ۽ سندس ساٿين جي سياست کي عوام رد ڪري ڇڏيو آهي: ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ
مضمون کا ماخذ : پریمیوس لوٹومینیا