اسلام آباد/ري??ض ?? 16 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان 15 آڪٽوبر تي سعودي عرب جو دورو ڪيو ۽ خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز السعود ۽ ول?? عهد شهزاده محمد بن سلمان سان ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون. اهو دورو خطي ۾ امن ۽ سلامتي لاءِ وزيراعظم جي ڪوششن جو حصو هو. وزيراعظم جي سعودي عرب جي دوري جي پڄاڻي تي جاري ٿيندڙ پڌرنامي موجب ملاقاتن دوران وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جا لاڳاپا انتهائي گ??را ۽ گهڻ رخا آهن. وزيراعظم توانائي ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ تعاون، ٻه طرفي واپار ۽ عوام جي وچ ۾ رابطن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.
مضمون کا ماخذ : فا فا فا ۔