اسلام آباد – 20 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته علم ۽ معلومات جي جلد ۽ فوري فراهمي سان قوم سازي جي عمل کي تيز ڪري سگهجي ٿو، پاڪستان کي مديني جهڙي رياست بڻائڻ اسا?? جو ويزن آهي، پاڪستان وڌيڪ مستحڪم ٿيندو ڇو ??ه پاڪستان عالمي برادري ۾ اخلاقي بنيادن تي پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي، اهڙي وقت ۾ جڏهن پناهگيرن کي روڪڻ جي لاءِ ديوارون ٺاهيون پيون وڃن ۽ انهن کي روم سمنڊ ۾ ٻوڙيو پيو وڃي، پاڪستان لکين پناهگيرن کي قبول ڪيو آهي، پاڪستان دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي چئلينجن کي منهن ڏنو آهي، اسا?? جو پاڙيسري ملڪ انتهاپسندي طرف وڃي رهيو آهي پر پاڪستان اخلاقي بنيادن تي مضبوط ۽ طاقتور ملڪ آهي. صدر اهڙن خيال?? جو اظهار ايوان صدر ۾ عوامي آگاهي جي پيغامن ۾ ٽي وي چينلز جي ڪردار جي اعتراف ۾ ايوارڊز ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.
مضمون کا ماخذ : raspadinha آن لائن