اسلام آباد ?? 26 ??يبروري (اي پي پي) قوم?? سلامتي ڪميٽي بالاڪوٽ ويجهو مبينا دهشتگرد ڪيمپ کي هدف بڻائڻ ۽ وڏي جاني نقصان جي ڀارتي دعوا??ن کي رد ڪندي چيو آهي ته هڪ دفعو ٻيهر ڀارتي حڪومت فرضي ۽ ڪوڙين دعوائن جو سهارو ورتو آهي، ڀارت بنا ڪنهن سبب جي جارحيت جو مظاهرو ڪيو آهي ۽ پاڪستان جوابي ڪارروائي لاءِ وقت ۽ جڳهه جو تعين پاڻ ڪندو، هٿياربند فوج ۽ پاڪستان جي عوام هر قسم جي حالتن جي لاءِ تيار رهي. قوم?? سلامتي ڪميٽي جو خصوصي اجلاس وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وزيراعظم آفيس ۾ ٿيو جنهن ۾ پرڏيهي وزير، دفاع واري وزير، ناڻي واري وزير، جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جي چيئرمين، چيف آف آرمي اسٽاف، چيف آف نيول اسٽاف، پاڪ فضائيه جي سربراهه ۽ ٻين سول ۽ عسڪري عملدارن شرڪت ڪئي.
مضمون کا ماخذ : سٹاربرسٹ