دبئي-08 آگسٽ (اي پي پي) گڏيل عرب امارتن پاڪستان جي 77 هين آزادي واري ڏهاڙي جي سلسلي ۾ 11 آگسٽ تي دبئي ۾ شاندار تقريب منعقد ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. گڏيل عرب امارتن جي نيوز ايجنسي وام موجب اها تقريب دبئي ورلڊ ٽريڊ سينٽر ۾ منعقد ٿيندي جنهن ۾ اٽڪل 10 هزار ماڻهو شرڪت ڪندا. تقريب ۾ گڏيل عرب امارت?? جو روادار?? ۽ ??ڏيل بقاءَ وارو وزير شيخ نهيان بن مبارڪ النهيان ۽ گڏيل عرب امارتن ۾ پاڪستا?? جو سفير فيصل نياز ترمذي سان گڏ??گڏ پاڪستاني برادري جا نمائندا ۽ اهم شخصيتون به شرڪت ڪنديون. اها تقريب امارات پاڪستان سان محبت ڪري ٿو، جي پيج جي اهتمام هيٺ ٿيندي. رپورٽ موجب پاڪستان ايسوسيئيشن دبئي، دبئي پوليس ۽ دبئي ورلڊ ٽريڊ سينٽر جي تعاون سان منعقد اها تقريب گڏيل عرب امارتن ۽ پاڪستان وچ ۾ پراڻي دوست?? ۽ ??هري لاڳاپن کي اجاگر ڪري ٿي. تقريب ۾ ثقافتي پرفارمنس، ميوزيڪل شوز ۽ روايتي سرگرميون شامل هونديون جيڪي گڏيل عرب امارتن جي ترقي ۾ پاڪستاني برادري جي ڀرپور ورثي ۽ حصيداري جي عڪاسي ڪنديون. اها تقريب گڏيل عرب امارتن جي عالمي تعاون ۽ رواداري کي هٿي ڏيڻ ۽ هم آهنگي تي ٻڌل ماحول پيدا ڪرڻ جي ڪوشش?? جو حصو آهي ته جيئن هتي مختلف ثقافتن سان تعلق رکندڙ پرامن طريقي سان هڪٻئي سان رهي سگهن. گڏيل عرب امارتن ۽ پاڪستان وچ ۾ پراڻا لاڳاپا آهن، ج?? جو بنياد امارات جي باني اڳواڻ شيخ زيد بن سلطان النهيان مرحوم 1971ع ۾ رکيو هو. اڄ ٻئي ڀائر مسلمان ملڪن جا گڏيل لاڳاپا پهرين کان وڌيڪ مضبوط آهن جن کي اسٽريٽجڪ حصيداري ۽ وڌندڙ اقتصادي تعاون سان هٿي ملي ره?? آهي، گڏيل عرب امارات پاڪستا?? جو سڀ کان وڏو واپاري حصيدار ۽ سڀ کان وڏو سيڙپڪار?? آهي، جنهن تازو ئي پاڪستان جي معاشي شعبن ۾ 10 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري جو واعدو ڪيو آهن.
گڏيل عرب امارتن پاران پاڪستان جي آزادي واري ڏهاڙي جي سلسلي ۾ 11 آگسٽ تي دبئي ۾ شاندار تقريب منعقد ڪرڻ جو اعلان
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا علاقائی