بيجنگ-12 جولاءِ (اي پي پي) چين جي پرڏيهي وزير وانگ اي جمعي ڏي??هن نيڌرل??نڊ?? جي نئين پرڏيهي وزير فيلڊ ڪان سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ڪئي ج??هن ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۽ اهم عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وانگ اي نيڌر ل??نڊ?? جي هم منصب سان پنهنجي ٽيفلونڪ ڳالهه ٻولهه ۾ چيو ته چين ۽ نيڌرل??نڊ?? وچ ۾ واضح ۽ عملي جامع تعاون تي ٻڌل حصيداري جي مستحڪم ترقي سان ٻنهي ملڪن جي عوام کي ٺوس فائدا حاصل ٿيا آهن ۽ ان حصيداري خطي ۽ دنيا جي پرامن ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چيو ته چين نيڌرل??نڊ?? جي نئين حڪومت سان ويجها لاڳاپا قائم ڪرڻ، هڪجهڙن معاملن تي ڳالهيون ڪرڻ ۽ گڏيل افهام و تفهيم کي وڌائڻ لاءِ تيار آهي. وانگ اي چيو ته چين عالمي پيداوار ۽ سپلائي چين جي استحڪام کي گڏيل طور ??ي برقرار رکڻ لاءِ نيڌرل??نڊ?? سان تعاون کي مضبوط ڪرڻ جو خواهشمند آهي. ان موقعي تي نيڌرل??نڊ?? جي پرڏيهي وزير چيو ته چين ايشيا ۾ نيڌرل??نڊ?? جو اهم اقتصادي ۽ واپاري حصيدار آهي ۽ ٻنهي ڌرين کي ٻطرفن ۽ گهڻ رخي مسئلن تي گڏيل فائديم??د تعاون ڪرڻ گهرجي. ه چيو ته يورپ ۽ چين وچ ۾ ڪجهه معاملن ۾ اختلافن کي ٻنهي ڌرين وچ ۾ تعاون ۾ رڪاوٽ نه بڻجڻ گهرجي. هن چيو ته نيٽو پنهنجي ميمبر ملڪن جي سلامتي جي تحفظ لاءِ پرعزم آهي ۽ هميشه هڪ دفاعي ادارو رهندو.
چين جي پرڏيهي وزير وانگ اي جي نيڌرلينڊز جي نئين پرڏيهي وزير سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه
مضمون کا ماخذ : پیش گوئی اور حکمت عملی