اسلام آباد – 19 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر ??ارف علوي چيو آهي ته پاڪستان سڀني دوست ملڪن سان واپار، سيڙپڪاري، دفاع ۽ ثقافتي تعاون وڌائڻ جو خواهشمند آهي، پرڏيهي سيڙپڪارن کي ملڪ جي سيڙپڪار دوست ماحول مان فائدو کڻڻ جيِ ضر??رت آهي، عالمي برادري ڀارت کي عالمي قانونن جو?? خلاف ورزيون روڪڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن مختلف ملڪن جي سفيرن سان ملاقات دوران ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر ??ارف علوي کي ڪوريا، نيپال، بيلاروس جي رهواسي ۽ آئيرلينڊ، ڪوسوو، مالي ۽ سيراليون جي غير رهائشي نامزد سفيرن سندون پيش ڪيون، سفيرن صدر سان ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون ان موقعي تي صدر سفيرن کي مبارڪباد ڏني.
مضمون کا ماخذ : سپر اسپنر