اسلام آباد – 30 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪورونا جي موجوده ص??رت??ال کي پريشان ڪندڙ قرار ڏيندي ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته وبا جي وڌيڪ پکيڙ کي روڪڻ لاءِ پوري قوم کي احتياطي تدبيرون لازمي اختيار ڪرڻيون پونديون. ڪورونا وائرس جي موجوده ص??رت??ال تي پنهنجي وڊيو پيغام ۾ صدر چيو ته اسان جي خطي ۾ ڪورونا جي ڪري پريشاني وڌي رهي آهي، پاڪستان ۾ تقريبن 5 هزار ڪورونا ????سز ٿي چڪا آهن ۽ فوتگين ۾ به اضافو ٿي?? آهي. هن چيو ته جيڪڏهن ڪورونا ??يس وڌيڪ وڌيا ته ڳالهه اسپتالن جي وس مان نڪري ويندي. صدر چيو ??ه حضور ﷺ مسلمانن کي نظم ۽ ضبط جي تعليم ڏني، سڀني تي لازمي آهي ??ه حضور ﷺ جي امت هجڻ جي ناطي نبي ﷺ جي هدايتن تي عمل ڪريون، هن چيو ته مسلمان قوم ان آزمائش ۾ ڪامياب ٿيڻ لاءِ احتياط اختيار ڪري، رمضان، تراويح، يوم علي، عيد جي موقعي تي ماسڪ پائڻ سميت سمورن ايس او پيز تي عملدرآمد يقيني بڻائين.
ڪورونا جي موجوده صورتحال پريشان ڪندڙ آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا اکومولڈا