اسلام آباد – 16 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هد??يت ڪئي آهي ته وفاقي گادي ??ار?? شهر اسلام آباد ۾ قبضن جي مڪمل خاتمي لاءِ ٺوس ۽ منظم پلان جوڙيو وڃي، وڻڪاري ۽ گرين ايرياز جي تحفظ جي مهم ۾ مقامي ماڻهن جي ڀرپور شرڪت کي يقيني بڻائڻ لاءِ مراعتون ڏيڻ تي غور ڪيو وڃي. هن اها هد??يت وفاقي گادي ??ار?? شهر سان لاڳاپيل معاملن تي اجلاس جي صدارت ڪندي ڏني. اجلاس ۾ منصوبابندي ??ار?? وفاقي وزير اسد عمر، س?? ڊي اي معاملن بابت خاص مددگار علي نواز اعواڻ، س?? ڊي اي چيئرمين عامر علي احمد، ايم اين اي راجا خرم نواز ۽ لاڳاپيل سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. اسلام آباد ۾ قبضن ۽ ان جي خلاف جاري ڪارروائي تي بريفنگ ڏيندي س?? ڊي اي چيئرمين ٻڌايو ته قبضن جو وڏو سبب متفقه ريگوليٽري فريم ورڪ جي کوٽ آهي ڇو ته س?? ڊي اي، رجسٽرار سوسائيٽين ۽ ايس اي سي پي جي وچ ۾ ورهايل آهي، وزيراعظم سمورن قاعدن ۽ بلڊنگ بائي لاز کي موثر طور لاڳو ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ لاءِ هڪ مضبوط ۽ واحد ريگوليٽري باڊي جي اهميت تي زور ڏنو. هن هد??يت ڪئي ته وفاقي گادي ??ار?? شهر ۾ قبضن جي شڪايت جي مڪمل خاتمي لاءِ ٺوس ۽ منظم پلان جوڙيو وڃي ۽ ان حوالي سان اڳواٽ قدمن کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڊرونز سميت جديد ٽيڪنالاجي کي استعمال ۾ آندو وڃي. وزيراعظم وڏي پئماني تي وڻڪاري مهم جي ذريعي اسلام آباد جي ماحول جي حفاظت تي زور ڏنو. هن هد??يت ڪئي ته وڻڪاري ۽ گرين ايرياز جي تحفظ جي مهم ۾ مقامي ماڻهن جي ڀرپور شرڪت کي يقيني بڻائڻ لاءِ مراعتون ڏيڻ تي غور ڪيو وڃي.
اسلام آباد ۾ قبضن جي مڪمل خاتمي لاءِ ٺوس ۽ منظم پلان جوڙيو وڃي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : پاور بال لاٹری