اسلام آباد – 17 جون (اي پي پي) گڏيل مفادن واري ڪائونسل تجويز ڪيل نيشنل اليڪٽريسٽي پاليسي 2021?? جي مسودي تي وڌيڪ غور لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي، گڏيل مفادن واري ڪائونس?? جو 46 هون اجلاس وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس ۾ نيشنل اليڪٽريسٽي پاليسي 2021?? جي مسودي تي تفصيلي غور ڪيو ويو. اجلاس ۾ ڄاڻايل پاليسي تي وڌيڪ غور لاءِ ڪميٽي جوڙڻ جو فيصلو ڪيو يو جيڪو سومر ڏينهن ٿيندڙ سي سي آءِ جي ايندڙ اجلاس ۾ حتمي مسودو پيش ڪندي، ڪميٽي ۾ ناڻي وارو وزير، توانائي وارو وزير، قانون وارو وزير، بجلي بابت خاص مددگار ۽ صوبائي وڏا وزير شامل آهن.
مضمون کا ماخذ : لاٹری آن لائن خریداری