اسلام آباد – 09 مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽ?? شبلي فراز چيو آهي ته بلاول ڀٽو ۽ مريم نواز ٻئي گڏجي جمهوريت کان بهترين انتقام وٺي رهيا آهن، پئسي سان ماڻهن جا ضمير خريد ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ۽ پوءِ جمهوريت جي پويان لڪي ويندا آهن. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته پارٽين تي قبضو ڪندڙ ايترا اهل ۽ لائق هجن ها ته ڪارڪن جي طور تي پارٽي ۾ اچن ها. موروثي سياست ڪندڙ پنهنجي ٻارن کي قوم مٿان مڙهڻ چاهين ٿا. هن چيو ته عوام انهن جي دوکي ۾ نه ايندي، اهي چاهين ٿا ته لُٽ مار جو اهو ڪاروبار انهي طرح جاري رهي. قوم کي فيصلو ??رڻو آهي ته ڪرپشن جي انهن فرنچائيز جو خاتمو ڪرڻو آهي يا کي?? لُٽڻ جو لائسنس ڏيئڻو آهي. وفاقي وزير چيو ته محمد نواز شريف جيڪڏهن ووٽ جي عزت تي يقين رکي ها ته پاڪستان ۾ هجي ها، مولانا فضل الرحمان پنهنجي پٽ کي پنهنجي گادي جي لاءِ تيار ڪري رهيو آهي.
بلاول ڀٽو ۽ مريم نواز ٻئي گڏجي جمهوريت کان بهترين انتقام وٺي رهيا آهن: شبلي فراز
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری آن لائن