اسلام آباد – 08 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف عل??ي چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڪشميري هڪ آهن ۽ ڪڏهن جدا نه ٿيندا. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ صدر ڊاڪٽر عارف عل??ي چيو ته اسان جون دليون گڏ ڌڙڪن ٿيون، اسان جا احساس گڏيل آهن ۽ اسان گڏ??ي جدوجهد ڪري رهيا آهيون، هن چيو ته دنيا واضح طور تي ڏسي سگهي ٿي ته غير قانوني والاريل ڪشمير ۾ ڀارت جي جارحيت مودي حڪومت هندوتوا جي ناڪامي جي عڪاسي آهي، صدر ڊاڪٽر عارف علوي پنهنجي ٽوئيٽ جي آخر ۾ چيو ته انشاءُ الله ڪشمير ضرور آزاد ٿيندو. هن پنهنجي ٽوئيٽ سان گڏ هڪ ٽوئيٽ کي ٽ??گ ڪيو جنهن ۾ پاڪستان جي يوم دفاع جي موقعي تي والاريل ڪشمير ۾ باني پاڪستان قائداعظم محمد علي جناح رح جي تصوير سان سندس فرما?? ڇاپيو ويو آهي ته ڪشمير پاڪستان جي شهه رڳ آهي.
مضمون کا ماخذ : کنگ کانگ روش