اسلام آباد – 18 آ??سٽ (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انٽونيو گوئيٽريش پاڪستان جي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي عمران خان کي مبارڪباد ڏيندي ان ام??د جو اظهار ڪيو آهي ته سندس قيادت ۾ پاڪستان ۽ گڏيل قومن جي وچ ۾ سڄي دنيا ۾ امن مشنز سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ حاصل ٿيندو، وزيراعظم پاڪستان جي نالي تي پنهنجي مبارڪباد واري خط ۾ عالمي اداري جي سيڪريٽري جنرل وزيراعظم عمران خان لاءِ پنهنجي گرمجوشي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته کيس يقين آهي ته گڏيل قومن ۽ پاڪستان جي وچ ۾ تعاون کي فروغ ملندو ۽ هو سيپٽمبر ۾ جنرل اسيمبلي جي 73 هين اجلاس ۾ پاڪستان جي وزيراعظم عمران خان سا?? ملاقات جو منتظر آهي.
مضمون کا ماخذ : بہت سے نتائج