اسلام آباد – 22 مارچ (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته پاڪستان شا??دار موقعن جي سرزمين آهي، جنهن سان اسان جا دوست ملڪ خاص طور وچ ايشيائي ملڪ سڀ کان وڌيڪ فائدو وٺي سگهن ٿا، پاڪ چين اقتصادي لنگهه جي ??يام کانپوءِ وچ ايشيائي ملڪن لاءِ پاڪستان ۾ ڪيترن ئي شعبن ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا پيدا ٿي ويا آهن، جيڪي انهن ملڪن جي گڏيل مفادن ۾ هوندا، اها ڳالهه هن ”پاڪستان موقعن جي سرزمين“ جي ??وضوع تي عالمي ??يم??نار جي سينئر نمائندن جي ??فد سان ڳالهائيندي چئي جن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي.
مضمون کا ماخذ : میگا مولا۔