واشنگٽن-11 ڊسمبر (اي پي پي) آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير رضوان سعيد شيخ گذريل ڏينهن وڌيڪ چار آمريڪي ڪانگريس ميمبرن سان ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون، انهن ملاقاتن ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ سيڙپڪاري، واپار کي هٿي ڏيڻ جي امڪانن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. واشنگٽن ۾ پاڪستاني سفارتخاني طرفان جاري بيان موجب آمريڪي ڪانگريس جي ريپبلڪن ميمبر رچ ميڪ ڪارمڪ سان ملاقات ?? پاڪستاني سفير پاڪ آمريڪ?? ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان موقعي تي اقتصادي تعاون ۽ سيڪيورٽي تعاون جون ??اه??ن وڌائڻ تي ڌيان ڏنو ويو. ڪانگريس جي ڊيموڪريٽ ميمبر جيسمين ??رو??ٽ سان ملاقات ?? سفير رضوان سعيد شيخ ٻطرفن لاڳاپن ۽ پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ عوامي سطح تي رابطن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پاڪستاني سفير 2025ع ۾ ٽيڪساس جي هڪ واپاري وفد کي پاڪستان اچڻ جي دعوت ڏني جنهن کي جيسمين ??رو??ٽ اصولي طور تي قبول ڪري ورتو. سفير رضوان سعيد شيخ ۽ ڪانگريس جي ريپبلڪن ميمبر ارل بڊي ڪارٽر سان ملاقات ?? ٻطرفن لاڳاپن تي ڳالهين کانسواءِ اقتصادي ميدان ۾ رياست جارجيا سان تعاون جي امڪانن جو جائزو ورتو ??يو?? پاڪستاني سفير ريپبلڪن ميمبر نيل ڊن سان به ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ?? فلوريڊا سان واپار، سيڙپڪاري، آءِ ٽي ۽ زراعت تي تعاون کي وڌائڻ تي به خيالن تي به ڏي وٺ ڪئي وئي.
آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير جي واشنگٽن ۾ چار آمريڪي ڪانگريس ميمبرن سان ملاقاتون، سيڙپڪاري، واپار سميت گڏيل لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ تي خيالن جي ڏي وٺ
مضمون کا ماخذ : سکاراب ملکہ