گڏيل قومون- 25 جنوري (اي پي پي) سعودي عرب جي نائب پرڏيهي وزير انجنيئر وليد الخريجي نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ وچ اوڀر جي صورتحال تي کليل بحث ۾ شرڪت ڪئي. هن اجلاس کي خطاب دوران چيو ته اسرائيل جي مسلسل جا??حاڻي حملن، وڏي پئماني تي انڌڌنڌ بمباري سان غزه جي صورتحال سنگين آهي، ڇڪتاڻ وڌندي پئي وڃي. اسرائيلي جا??حيت سبب متاثرن جي انگ ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي. هن سعودي عرب جو موقف پيش ڪندي غزه ۾ هٿين خالي شهرين کي شهيد ڪرڻ جو سلسلو بند ڪرائڻ لاءِ فوري ۽ ٺوس قدم کڻڻ ۽ ان تڪرار جي خاتمي لاءِ عالمي برا??ري جي گڏيل ذميواري تي زور ڀريو. هن چيو ته غزه ۾ جا??ي جنگ پوري دنيا جي سامهون ٿي رهي آهي. ان جي نتيجن جا سڀ ذميوار آهن. هن چيو ته سعودي عرب غزه جي جنگ جو دائرو پک??ڙي ۽ علائقائي امن ۽ استحڪام تي ان جي اثرن کان خبردار ڪري چڪو آهي. اسان جي ترجيح انساني مصيبتن ۽ فلسطين ۾ عسڪري قدمن جو خاتمو آهي جڏهن ته احمر سمنڊ ۽ يمن ۾ ٿيل عسڪري حملا ڳڻتي جوڳا آهن. سعودي نائب پرڏيهي وزير چيو ته غزه بحران جي ناڪاري اثرن سان پاڙيسري ملڪن ۽ عالمي امن ۽ سلامتي کي درپيش خطرن کان بچائڻ لاءِ ضروري قدم کڻڻا پوندا.
غزه ۾ جنگ پوري دنيا جي سامهون ٿي رهي آهي، ان جي نتيجن جا سڀ ذميوار آهن: سعودي وزير
مضمون کا ماخذ : علاقائی کلیدی الفاظ