دوحه -01 نومبر (اي پي پي) اسرائيل ۽ فلسطين وچ ۾ ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪندڙ ملڪ قطر خبردار ڪيو آهي، ته اسرائيل جا غزه ۾ وڏي پئماني تي حملا ٽياڪڙي جي ڪوششن کي ڪمزور ڪري رهيا آهن. پرڏيهي اخبار مط??بق قطر غزه جي سڀ کان وڏي پناهگير ڪيمپ تي اسرائيل جي بمباري جي مذمت ڪندي خبردار ڪيو آهي، ??ه غزه پٽي تي جاري وڏي پئماني تي فوجي حملا ٽياڪڙي ۽ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي جي ڪوششن کي نقصان پهچائيندا. دوحه جي پرڏيهي وزارت جباليه ڪيمپ تي حملي کي معصوم فلسطيني عوام خلاف هڪ نئ??ن قتل عام قرار ڏنو. قطر جي پرڏيهي وزارت مط??بق قطر غزه پٽي ۾ شهري هدفن تي اسرائيل جي حملن ۾ واڌ خلاف به خبردار ڪيو آهي.
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے نتائج