واشنگٽ?? -26 سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪي پرڏيهي کاتي گادي واري شهر واشنگٽن ۾ ڪيوبا جي سفارتخاني تي ٿيل حملي جي مذمت ڪئي آهي. ان حملي ۾ هڪ شخص مبينه طور تي ڪيوبا جي سفارتخاني تي حملو ڪيو هو جنهن ۾ ڪو به شخص فوت يا زخمي نه ٿيو هو ۽ نه ئي وري ڪو ٻيو نقصان ٿيو هو. آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان صحافين کي ٻڌايو ته سفارتي ٺڪاڻن خلاف سمورا حملا ۽ ڌمڪيون قبول ڪ??ڻ جوڳيون ناهن. ترجمان چيو ته اسان ڪيوبا جي سفارتخاني جي اختيارين سان رابطي ۾ آهيون ۽ ويانا ڪنوينشن تحت پنهنجي ذميوارين مطابق سفارتي ??هو??تن ۽ ان ۾ ڪم ڪندڙ سفارتڪارن جي حفاظت لاءِ پرعزم آهيون. پرڏيهي کاتي تحقيقات ۾ واشنگٽن پوليس سان سهڪار ڪري رهيو آهي.
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا کے نتیجے میں پچھلے حصے