گوادر – 22 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آه?? ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي موجوده حڪومت رڳو ڳالهين تي نه پر عملي قدمن تي يقين رکي ٿي، سي پيڪ سان پاڪستان ۾ تمام گهڻي ترقي ٿيندي ان سان پاڪ چين لاڳاپن کي نئين س??هه ملي آه??، ترقي ۽ خوشحالي جي منصوبن سان گوادر ماهيگ??رن جي هڪ ننڍي ڳوٺ مان عالمي اهميت وارو شهر بڻجي ويندو، پاڪستان هڪ فعال جمهوريت آه?? ۽ اختلاف راءِ جمهوريت جو حسن آه?? پر الحمدالله سي پيڪ تي پورو پاڪستان متحد آه??، سي پيڪ گڏيل خوشحالي جو ويزن آه?? اهو منصوبو اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف ۽ چيني وزيراعظم جي ويزن جو عڪاس آه??، سي پيڪ ٻنهي ملڪن جي دوستي کي نئين س??هه ڏيندو. هن اها ڳالهه گوادر بندرگاهه ايسٽ بي ايڪسپريس وي جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي چئي.
مضمون کا ماخذ : میان میجک وائلڈ فائر