نيويارڪ – 19 ڊسمبر (اي پي پي) ڀارت ۽ پاڪستان ۾ گڏيل قومن جي ملٽري آبزرور گروپ (يو اين ايم او جي آءِ ??ي) جي نئين مقرر ٿيل سربراهه ميجر جنرل رامون گارڊ ڊوسانچيز گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم سان نيويارڪ ۾ عالمي اداري ۾ پاڪستان مشن ۾ ملاقات ڪئي. يو اين ايم او جي آءِ ??ي ج?? سربراهه پنهنجي نئين ذميواري سنڀالڻ لاءِ ??اڪستان روانگي کان اڳ پاڪستان?? نمائندي سان ملاقات ڪئي ۽ پنهنجي گروپ جي مينڊيٽ سان گڏو گڏ ٻين لاجسٽڪ ۽ آپريشنل تفصيلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. يو اين ايم او جي آءِ ??ي گڏيل قومن جي قديم ترين مشنز مان هڪ آهي ج??ڪو جنوري 1949ع ۾ رياست ڄمون ڪشمير ۾ ڀارت ۽ پاڪستان وچ ۾ جنگ بندي ج?? نگراني لاءِ م??رر ڪيو ويو هو. راولپنڊي ۾ قائم اهو گروپ 44 فوجي مبصرن ۽ 75 عالمي سويلين اهلڪارن تي ٻڌل آهي. پاڪستان?? نمائندي منير اڪرم يو اين ايم او جي آءِ ??ي ج?? سربراهه طور مقرري تي ميڪسيڪو سان تعلق رکندڙ ميجر جنرل رامون گارڊ ڊوسانچيز لاءِ ??يڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.
گڏيل قومن جي ملٽري آبزرور گروپ جي نئين مقرر ٿيل سربراهه پاران پاڪستاني سفير منير اڪرم سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : اسرار ریلز