گڏيل قومون-05 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان گڏيل قومن ۾ غزه ۾ انسانيت کي ??ڄائيندڙ صورتحال کي اجاگر ڪندي غزه ۾ اسرائيل جي نسل ڪشي جي جنگ کي ??وري طور ختم ۽ فلسطينين جي تڪليفن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ قدمن جي ضرورت تي زور ڀريو آهي. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم جنرل اسيمبلي ۾ فلسطين جي صورتحال تي ٻيهر شروع ٿيل خاص اجلاس ۾ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قرارداد کي آمريڪا طرفان ويٽو ڪرڻ تي پاڪستان طرفان مايوسيءَ جو اظهار ڪيو ۽ اها قرارداد سلامتي ڪائونسل جي 10 چونڊ ميمبرن اسپانسر ڪئي، جن??ن ۾ غزه ۾ فوري جنگبنديءَ جو مطالبو ڪيو ويو. هن چيو ته اهڙو ڪوبه دليل ناهي جيڪو بيوس لاچار فلسطينين جي قتلِ عام کي روڪڻ لاءِ ڪيل فيصلن کي روڪڻ جو جواز فراهم ڪري سگهي. پاڪستاني نمائندي چيو ته جنرل اسيمبليءَ کي ??اڻ چارٽر موجب غزه ۾ فوري ۽ غير مشروط جنگبنديءَ جو مطالبو ڪرڻ ۽ سلامتي ڪائونسل ۽ جنرل اسيمبليءَ طرفان ان تڪرار ت?? منظور ڪيل ڪيترن ئي قراردادن تي عمل??رآ??د جو مطالبو ڪرڻ سان گڏوگڏ عالمي انصاف واري عدالت سان ڪيل فيصلي تي عمل??رآ??د لاءِ پنهنجي ذميداري کي ??ورو ڪرڻ گهرجي. ٻين نمائندن به غزه پٽي جي صورتحال ۾ ويٽو جي استعمال جي مخالفت ڪئي ۽ خطي ۾ واقعن کي غير سياسي ڪرڻ تي زور ڀريو.
گڏيل قومن ۾ پاڪستاني نمائندي پاران غزه ۾ اسرائيلي اڳرائي بند ڪرائڻ، فلسطينين جي تڪليفن کي گهٽائڻ جو مطالبو
مضمون کا ماخذ : میان میجک وائلڈ فائر