رام الله- 18 مارچ (اي پي پي) اسرائيل فوج غزه جي سڀ کان وڏي الشفا اسپتال ۾ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو. الجريزه مطابق غزه جي صحت وزارت جاري ڪيل بيان ۾ چيو آه?? ته اسرائيلي فوج ٽينڪن کان گهيري ۾ وٺي ورتو آهي ۽ اسپتال ۾ فائرنگ ۽ گوله باري شروع ڪري ڇڏي آهي. بيان ۾ وڌيڪ چيو ته اسپتال تي اسرائيلي فوج جي فائرنگ ۽ گوله باري جي نتيجي ۾ ڪيترائي فلسطيني شهيد ۽ ز??مي ٿي پيا جڏهن سرجيڪل ڪمپليڪس ۾ باهه لڳي وئي آهي. غزه جي صحت وزارت چيو ته هو الشفا جي اندر طبي عملي، مريضن ۽ بي گهر ٿيل ماڻهن جي ??ند??ين جو ذميوار اسرائيل آهي. اهي ڪارروائيون عالمي انساني قا??ون جي خلاف ورزي آهن. غزه جي صحت وزارت جو چوڻ آه?? ته لڳ ڀڳ 30 هزار ماڻهن جن ۾ بي گهر شهري، ز??مي مريض ۽ طبي عملو شامل آهي الشفا اسپتال ۾ ڦاٿل آهن.
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کی قیمت