گڏيل قومون-15 مئي (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريش اسرائيل ۽ غزه وچ ۾ جنگ بندي جي معاهدي جي آ??يان ڪندي اپيل ڪ??ي ته رڳو ڳالهين ذريعي ئي پائيدار سياسي حل هميشا لاءِ امن قائم ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ ۽ تشدد جي سلسلي کي ختم ڪرڻ جو سبب بڻجندو. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي ترجمان طر??ان جاري بيان ۾ سيڪريٽري جنرل اسرائيل ۽ غزه تي ڇنڇر تي ٿيل جنگ بندي جي معاهدي تي عمل ڪ??ڻ تي زور ڏنو. هن معاهدي جي آ??يان ۽ تشدد سبب متاثر ماڻهن جي خاندانن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. سيڪريٽري جنرل ڇڪتاڻ جي خاتمي ۽ جنگ بندي لاءِ مصر جي اهم ڪردار ۽ قطر، لبنان ۽ آمريڪا جي ڪوششن جي ساراهه ڪئي. هن سمورين ڌرين تي زور ڏنو ته جنگ بندي تي عمل کي يقيني بڻايو وڃ??. هن گڏيل قومن جي لاڳاپيل ٺهرائن، بين الاقوامي قانون ۽ اڳوڻن معاهدن جي بحالي جي اهميت جي بنياد تي ٻه رياستي حل حاصل ڪ??ڻ لاءِ گڏيل قومن جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. بيان ۾ چيو و??و ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته رڳو ڳالهين ذريعي ئي پائيدار سياسي حل امن ۽ هميشا لاءِ تشدد جي سلسلي جي خاتمي جو سبب بڻجندو.
گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي اسرائيل ۽ غزه کي جنگ بندي تي عمل جي اپيل
مضمون کا ماخذ : Loteria Instantânea