اسلام آباد-21 نومبر (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين سان قازقستان جي نائب پرڏيهي وزير علي بيڪ باڪاييو ملاقات ڪئي ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ڪالهه ٿيل ملاقات ۾ صنعتي ۽ زرعي شعبن ۾ تعاون تي تفصي??ي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۽ قازقستان وچ ۾ ڀائراڻي لاڳاپن کي ساراهيون ٿا، ٻنهي ??رفان صنعتي ۽ زرعي سهڪار تي گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. قازقستان جي نائب پرڏيهي وزير چيو ته قازقستان پاڪستان جي زرعي تجربي مان فائدو حاصل ڪرڻ جو خواهشمند آهي. وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو ته قازقستان سان واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن کي وڌائڻ چاهيون ٿا.
مضمون کا ماخذ : موبائل سے لاٹری کھیلیں