اسلام آباد – 05 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سرينه چوڪ منصوبو 2 مهينن ۽ ايف نائن منصوبو 3 مهينن ۾ مڪمل ڪرڻ جو عزم ظاهر ڪندي چيو آ??ي ته اها اسلام آباد ۽ ڀرپاسي جي خوشحالي ۽ ترقي جي منصوبن جي شروعات آهي، ايس سي او جي ڪامياب انعقاد تي نائب وزيراعظم، وفاقي گهرو وزير، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير ۽ سيڪيورٽي ادارن سميت سمورن حصيدارن جو ٿورائتو آ??يان، اسلام آباد کي وڌيڪ خوبص??رت بڻائي ان کي سياحن جي ڌيان جو مرڪز بڻائي سگهجي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن جناح ايونيو نائنٿ ايونيو انٽر سيڪشن ۽ سرينه چوڪ ڪنوينشن سينٽر انٽر سيڪشن جي پيڙهه جو پٿر رکڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته ايف نائن ۽ سرينه چوڪ تي ٻن منصوبن جي پيڙهه جو پٿر رکيو آ??ي، هي اسلام آباد ۽ ڀرپاسي جي خوشحالي ۽ ترقي جي منصوبن جي شروعات آهي، ايف نائن فلاءِ اوور جو منصوبو 6 مهينن ۾ مڪمل ٿيڻو هو هاڻي ٽن مهينن ۾ مڪمل ڪيو ويندو، اهڙي طرح سرينه چوڪ جو منصوبو 2 مهينن ۾ مڪمل ٿي ويندو، اسلام آباد جي رهواسين کي دل جي گهراين سان مبارڪباد ڏيان ٿو، گهرو وزير ۽ سندس ٽيم کي تيزي سان منصوبن جي تڪميل تي ساراهيان ٿو، هن پنجاب وارو پنهنجو رڪارڊ برقرار رکيو آ??ي. وزيراعظم چيو ته ايس سي او ڪانفرنس پرامن انداز ۾ بخوبي سرانجام تي پهتي، ان ڪانفرنس جي لاءِ وفاقي گهرو وزير ۽ سي ڊي اي چيئرمين جي ٽيم اسلام آباد کي خوبص??رت بڻائڻ جي لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪيو، اهو ڏسڻ وٽان هو، اطلاعات واري وزير ڪانفرنس سينٽر جي رنگ روغن جي لاءِ سي ڊي ايي سان گڏجي ڀرپور ڪم ڪيو، گهرو وزير ۽ سندس ٽيم ۽ اطلاعات ۽ نشريات واري وزير ۽ سندس ٽيم کي مبارڪباد ڏيان ٿو، انهن ڏينهن رات محنت ڪري ايس سي او ڪانفرنس کي هر طرح سان ڪامياب بڻايو، نائب وزيراعظم ۽ سندس ٽيم پڻ ان ڪانفرنس جي ڪاميابي ۾ ڀرپور ڪم ڪيو، انهن کي مبارڪباد ڏيان ٿو. هن چيو ته آءِ جي اسلام آباد کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو، آرمي چيف سيد عاصم منير جي هدايتن تي راولپنڊي 10 ڪور ۽ ايس ايس جي ڪور سيڪيورٽي فراهمي ۾ ڀرپور مدد ڪئي، سيڪيورٽي جا فول پروف انتظام ڪيا ويا هئا، ڪيترن ئي ڏهاڪن کانپوءِ پاڪستان کي مهمان نوا??ي جو موقعو مليو هو. هن چيو ته چين جي وزيراعظم، روس جي صدر سميت اهم ملڪن جا سربراهه پاڪستان آيا، انهن اسلام آباد جي خوبصورتي کي ساراهيو، اسان کي پنهنجي شهر جي ان خوبصورتي کي نه رڳو برقرار رکڻو آ??ي پر ان ۾ اضافو ڪرڻو آ??ي ته جئين سڄو سال جيڪي ملڪ ۽ ٻاهرئين ملڪ مان مهمان اچن اهي ان جي خوبصورتي کي ڏسي خوش ٿين، اسلام آباد قدرتي حسن سان مالامال آهي، ان ۾ وڌيڪ نکار ايندو ۽ اهو سياحن جو مرڪز ??ڻج??دو، اهو نه رڳو پاڪستان پر دنيا جو مثالي شهر ??ڻج??دو. ان موقعي تي وزيراعظم جناح ايوينيو نائنٿ ايونيو انٽر سيڪشن ۽ سرينه چوڪ ڪنوينشن سينٽر انٽر سيڪشن جي پيڙهه جو پٿر پڻ رکيو. تقريب کي گهرو وزير محسن نقوي پڻ خطاب ڪيو. ان موقعي تي سي ڊي اي چيئرمين محمد علي رنڌاوا منصوبي بابت بريفنگ ڏني.
اسلام آباد ۾ منصوبا شهر ۽ ڀرپاسي جي خوشحالي ۽ ترقي جي شروعات آهن، اسلام آباد کي وڌيڪ خوبصورت بڻائي ان کي سياحن جي ڌيان جو مرڪز بڻائي سگهجي ٿو: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی موبائل ایپ