اسلام آباد – 14 – آڪٽوبر (اي پي پي) چي?? جو وزيراعظم لي چيانگ سومر ڏينهن اسلام آباد پهتو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب 11 سالن کانپوءِ چين جي ڪنهن به وزيراعظم جو هي پهريون پاڪستا?? جو دورو آهي. وزيراعظم محمد شه??از شريف چين جي وزيراعظم جو ايئرپورٽ تي استقبال ڪيو. بعد ۾ چ??ني وزيراعظم لي چيانگ وزيراعظم هائوس پهتو جتي کيس گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو. وزيراعظم محمد شه??از شريف سان چيني وزيراعظم جي ملاقات ۽ وفدن جي سطح تي پڻ ملاقات ٿيندي. ٻئي وزيراعظم چين پاڪستان تعاون جي حوالي سان مفاهمتي يادداشتن تي صحيحن واري تقريب ۾ شرڪت ڪندا، جنهن ۾ چ??ن پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) 2 سان گڏوگڏ ٻيا وڏا منصوبا پڻ شامل آهن. تقريب ۾ گوادر انٽرنيشنل ايئرپورٽ جو ورچوئل افتتاح پڻ شامل آهي.
مضمون کا ماخذ : سانتا کا سرپرائز