اسلام آباد – 18 – سيپٽمبر (ا?? پي پي) پاڪستان ۽ روس پرڏيهي ??زارت اسلام آباد ۾ منعقد هڪ تقريب ۾ معيشت ۽ واپار جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي هڪ مفاهمتي يادداشت تي صحيحون ڪيون. تقريب ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي ??زير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ?? روسي فيڊريشن جي نائب وزيراعظم اليڪسي اوورچڪ پڻ شرڪت ڪئي. پاڪستان مرڪنٽائل ايڪسچينج ۽ سينٽ پيٽرزبرگ انٽرنيشنل مرڪنٽائل ايڪسچينج جي وچ ۾ مفاهمت جي يادداشت تي پاڪستان پاران پاڪستان مرڪنٽائل ايڪسچينج جي وقتي مئنيجنگ ڊائريڪٽر فرحان طاهر ۽ روس پاران سينٽ پيٽرزبرگ انٽرنيشنل مرڪنٽائل ايڪسچينج جي صدر ايگور آرٽيميف صحيحون ڪيون. پاڪستان ع??لم?? ٽرانسپورٽ ڪوريڊور بيلاروس – روس – قازقستان – ازبڪستان – افغانستان – پاڪستان جي تعمير ۽ ترقي بابت مفاهمت نامي ۾ شموليت جو پڻ اعلان ڪيو. دستاويز تي پاڪستان پاران مواصلات واري سيڪريٽري علي شير محسود صحيحون ڪيون.
پاڪستان ۽ روس پاران معيشت ۽ واپار جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي هڪ مفاهمتي يادداشت تي صحيحون
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے اعدادوشمار