اسلام آباد-04 آگسٽ (اي پي پي)ڪشميري اڳواڻن يوم استحصال ڪشمير تي پنهنجي ردعمل جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڀارت 5 آگسٽ 2019ع تي ڄمون ڪشم??ر جي خاص حيثيت کي ختم ڪري ڪشميرين جي ثقافت، سڃاڻپ ۽ بنيادي حقن تي حملو ڪيو ۽ اهو دنيا جي تاريخ جو ??ارو ڏينهن آهي. مسلم ڪانفرنس جي مرڪزي اڳواڻ ۽ آزاد ڪشم??ر جي اڳوڻي وزيراعظم سردار عتيق احمد خان ڪشميرين جي لاءِ يوم استحصال ڪشمير کي ڪارو ڏينهن قرار ڏيندي چيو آهي، ته ڀارت 5 آگسٽ 2019ع تي ڄمون ۽ ڪشم??ر جي خاص حيثيت کي ختم ڪري ڪشميرين جي سڃاڻپ، ثقافت ۽ بنيادي حقن تي حملو ڪيو. ڪشميري اڄ 5 آگسٽ تي اهو ڏهاڙو احتجاج ۽ مظاهرن سان ملهائيندا، ته جيئن عالمي برادري جو ??يان ڀارتي جارحيت ڏانهن ڇڪائي سگهجي. پيپلز پارٽي آزاد ڪشم??ر جي صدر چوڌري محمد ياسين 5 آگسٽ کي سڄي دنيا ۾ يوم استحصال طور ملهائڻ جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته ڀارت جي غيرقناوني قدمن خلاف ڪشميري عوام متحد ٿي احتجاج ڪندو. ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي ترجمان ايڊووڪيٽ عبدالرشيد منهاس چيو ته 5 آگسٽ ڪشميرين جي استحصال جو ??ينهن آهي ۽ اهو ڏينهن ڪشم??ر جي منفرد سڃاڻپ، ثقافت، آبادي جي شرح ۽ بنيادي حقن تي حملو آهي. هن ڪشميري عوام کي ان ڏينهن تي مڪمل هڙتال جي اپيل ڪئي. ڄمون ۽ ڪشمير فريڊم موومينٽ جي ڪنوينر ڊاڪٽر زاهد غني ڊار چيو ته ڀارت جو 2019ع جو هڪ طرفو قدم گڏيل قومن جي چارٽر ۽ عالمي قانون جي کلي ڀڇڪڙي آهي، هن عالمي براد??ي کي ڪشمير مسئلي کي ڪشميري عوام جي خواهشن مطابق حل ڪرڻ جي اپيل ڪئي.ڪشمير سينٽر لاهور جي اڳوڻي ڊائريڪٽر صادق جرال پنهنجي ردعمل ۾ ڀارتي حڪومت جي پاليسين تي تنقيد ڪندي چيو ته مودي سرڪار ڪشميرين کي و??يڪ مشڪلاتن جو شڪار ڪري ڇڏيو آهي.
ڀارت 5 آگسٽ 2019ع تي ڄمون ۽ ڪشمير جي خاص حيثيت ختم ڪري ڪشميرين جي ثقافت، سڃاڻپ ۽ بنيادي حقن تي حملو ڪيو: ڪشميري اڳواڻن جو ردعمل
مضمون کا ماخذ : مصر کی میراث