اسلام آباد-13 جون (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته مالي سال جي وفاقي بجيٽ ۾ ٽيڪس نيٽ کي سگهارو بڻائڻ سميت پنجن بنيادي اصولن کي نظر ۾ رکيو ويو آهي، هن وقت جي ڊي پي جي ??رح سان ٽيڪس جي 10 سيڪڙو شرح جٽادار نا??ي. پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ناڻي واري وزير چيو ته نئين مالي سال جي وفاقي بجيٽ ۾ ٽيڪس جي ??نياد کي وسيع ڪرڻ تي ڌيان ڏنو ويو آهي، ملڪ ۾ هن وقت جي ڊي پي جي ??ناسب سان ٽيڪسن جي ??رح 10 سيڪڙو جي ويجهو آهي جيڪا پائيدار نا??ي، ايندڙ ??ن ٽن سالن ۾ جي ڊي پي جي ??ناسب سان ٽيڪسن جي ??رح 13 سيڪڙو تائين وٺي وڃڻ جي ڪوشش ڪنداسين. غير دستاويزي معيشت جو خاتمو به حڪومتي ترجيحن ۾ شامل آهي، ان مقصد لاءِ ڊجيٽلائيزيشن جو عمل اڳتي وڌايو پيو وڃي، ان سان ٽيڪس جي نظام ۾ انساني مداخلت کي گهٽ ڪيو ويندو جنهن سان نه رڳو روينيو ۾ اضافو ٿيندو پر شفافيت پڻ ايندي. ناڻي واري وزير چيو ته وڌيڪ آمدني وارن تي وڌيڪ ۽ گهٽ ??مدني وارن طبقن تي گهٽ ٽيڪس لڳايو ويو آهي، نا?? فائلرز لاءِ ڪاروباري ٽرانزيڪشن تي ٽيڪس جي ??رح ۾ نمايان اضافو ڪيو ويو آهي ۽ ڪجهه هنڌن تي ان شرح کي 45 سيڪڙو تائين وڌايو ويو آهي، اسان کي نا?? فائلرز جي ??بب کي هن ملڪ مان ختم ڪرڻو پوندو، بجيٽ ۾ گهٽ ??مدني وارن طبقن کي تحفظ فراهم ڪيو ويو آهي. ناڻي واري وزير چيو ته هي اهي پنج بنيادي اصول آهن جن جي ??نياد تي بجيٽ ترتيب ڏنو ويو آهي.
وفاقي بجيٽ ۾ ٽيڪس نيٽ کي سگهارو بڻائڻ سميت پنجن بنيادي اصولن کي نظر ۾ رکيو ويو آهي، جي ڊي پي جي شرح سان ٽيڪس جي 10 سيڪڙو شرح جٽادار ناهي: ناڻي وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کے نمبر