اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته آئين جي آرٽيڪل 218 (3) تحت اليڪشن جي تاريخ ڏيڻ يا تبديل ??رڻ اليڪشن ڪميشن جو اختيار آ??ي، اسان ڪنهن آئيني اداري جي معاملن ۾ مداخلت نه ٿا ڪري سگهون. پارليامينٽ هائوس ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي هڪ سوال جي جواب ۾ نگران وفاقي وزير چي?? ته سينيٽ ۾ اليڪشن جي التوا جي قرارداد ۾ دليل ??يڻ جو موقعو نه مليو. هن چي?? ته نگران وزيراعظم يا ڪابينا پاران اليڪشن جي دير جي حوالي سان ڪو حڪم موجود نه هو، ان لاءِ اهڙي قسم جي قرارداد جي حمايت ڪرڻ اسان جي لاءِ ممڪن نه هو. هن چي?? ته آئين جي آرٽيڪل 218 (3) تحت اليڪشن ڪرائڻ، اليڪشن جي تاريخ ڏيڻ يا تبديل ??رڻ اليڪشن ڪميشن جو اختيار آ??ي، اسان ڪنهن آئيني اداري جي معاملن ۾ مداخلت نه ٿا ڪري سگهون. هن چي?? ته قرارداد جي اندر جيڪي مسئلا ٻڌايا ويا اهي حقيقي مسئلا آهن پر پاڪستان جي پارلياماني سياست ۽ چونڊن جي تاريخ ۾ اهي مسئلا اڳ ۾ به ره??ا آهن، سيڪيورٽي جي فراهمي سميت موسم ۽ ٻين مسئلن جو خيال رکڻ حڪومت جي ذميواري آهي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چي?? ته اڃا تائين ڪنهن تڪ پاران اهڙو ڪو اشارو ناهي مليو جنهن ۾ واضح پيغام هجي ته چونڊون نه ٿيڻ گهرجي، اليڪشن جي التوا يا انعقاد جو آئيني اختيار رڳو اليڪشن ڪميشن وٽ آهي.
آئين جي آرٽيڪل 218 (3) تحت اليڪشن جي تاريخ ڏيڻ يا تبديل ڪرڻ اليڪشن ڪميشن جو اختيار آهي: نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : apostas dupla sena