ڪراچي – 07 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته چونڊون 8 فيبروري تي ٿينديون، ان بابت ڪنهن کي شڪ نه هجڻ گهرجي، ڪهڙي پارٽي کي اقتدار ۾ آڻڻ جو فيصلو ڪرڻ جو اختيار عوام جو آهي، اليڪشن ڪميشن جي مالي، انتظامي ۽ سيڪيورٽي ضرورتون پوريون ڪند??سي??. اها ڳالهه هن اطلاعات واري صوبائي نگرا?? وزير احمد شاهه سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چئي. مرتضيٰ سولنگي چيو ته اسان جي ڪوشش هوندي ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي وچ ۾ رابطي جي ڪا کوٽ نه هجي، ان حوالي سان صوبائي اطلاعات وار?? وزيرن سان گڏجي حڪمت عمل?? جوڙيند??سي??. هن چيو ته ڪنهن کي اقتدار ۾ آڻڻ جو فيصلو ڪرڻ جو اختيار عوام جو آهي، پاڪستان جي آئين ۾ لکيل آهي ته هي ملڪ ان جا چونڊيل نمائندا هلائيندا. هن چيو ته وڏا پاليسي فيصلا ڪرڻ چونڊيل پارليامينٽ جو ڪم آهي، اسان جي ڪوشش آهي ته جڏهن اسان کي حڪومت ملي آهي، ان کانپوءِ کان حالتون خراب نه ٿين، اسان بهتر حالت ۾ ملڪ چونڊيل حڪومت کي ڏئي ويند??سي??. هڪ سوال ج?? جواب ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته چونڊون ڪرائڻ جي آئيني ذميواري اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي آهي ۽ اسان اليڪشن ڪميشن کي مالي ۽ انتظامي مدد فراهم ڪري رهيا آهيون. هڪ سوال ج?? جواب ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته نگرا?? وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ٻن م??ين?? جي مختصر عرصي ۾ ڪراچي جا ڪيترائي دورا ڪيا آهن، نگرا?? وزيراعظم گذريل ڏينهن ڪراچ?? جو دورو ڪيو، هتي قيام به ڪيو ۽ واپارين سان ملاقات پڻ ڪئي. اڄ به نگرا?? وزيراعظم ڪراچ?? جو دورو ڪري رهيو آهي، اسٽاڪ ايڪسچينج جي تقريب ۾ شرڪت ڪندو. هن چيو ته نگرا?? وزيراعظم جو صوبن ۽ مختلف شهرن ۾ وڃڻ جو سٺو رڪارڊ آهي، توهان ايترو دوست وزيراعظم ڪڏهن نه ڏٺو هوندو. هڪ ٻئي سوال ج?? جواب ۾ مرتضيٰ سولنگي چيو ته سيڪيورٽي جا خدشا هر اليڪشن ۾ رهيا آهن، 2008ع ۾ اليڪشن مهم دوران اڳوڻي وزيراعظم محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت ٿي هئي، 2013ع جي چونڊن ۾ به سيڪيورٽ?? جو چئلينج موجود هو. هن چيو ته اڃا تائين اهڙي ڪا صورتحال پيدا ناهي ٿي جنهن کي اسان جا سيڪيورٽي ادارا ڪنٽرول ناهن ڪري سگهيا.
چونڊون 8 فيبروري تي ٿينديون، ان بابت ڪنهن کي شڪ نه هجڻ گهرجي، ڪهڙي پارٽي کي اقتدار ۾ آڻڻ جو فيصلو ڪرڻ جو اختيار عوام جو آهي: مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : لاتعداد وشال پانڈا