اسلام آباد-20 نومبر (اي پي پي)تعليم ۽ پيشوراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي ??ان ناليوار گلوڪار ۽ زندگي ٽرسٽ جي باني شهزاد راءِ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ڊائريڪٽر نيشنل ڪريڪولم ڪائونسل (اين سي سي) مريم چغتائي ان ??ان گڏ هئي. وفاقي وزير شهزاد راءِ جي آجيان ڪئي ۽ پاڪستان ۾ تعليمي سڌارن لاءِ ان جي ڪردار کي خاص طور تي سنڌ جي صوبائي نصاب ۾ چائلڊ پروٽيڪشن جي شموليت تي وفاقي وزير شهزاد راءِ کي داد ڏني. هن چيو ته تعل??م جي ميدان ۾ ان جو تعاون انتهائي ساراهه جوڳو آهي. وفاقي وزير چيو ته شهزاد راءِ جي ڪوششن ??ان سنڌ حڪومت سڄي صوبي جي سرڪاري استادن لاءِ زندگي ٽرسٽ جي تيار ڪيل نئين استاد ٽيچر پرفارمنس ايويلو ايشن فارميٽ جي منظوري ڏني، ان ??ان گڏوگڏ قومي اسيمبلي به ان کي تسليم ڪيو، جسماني سزا کي ڏوهه قرار ڏيندي قانون منظور ڪيو. شهزاد راءِ وفاقي وزير کي زندگي ٽرسٽ جي تعاون ۽ مقصد جي باري ۾ آگاهه ڪيو. هن پاڪستان ۽ خاص طور تي سنڌ ۾ سمورن ٻارن تائين تعليم کي قابل رسائي بڻائڻ لاءِ زندگي ٽرسٽ جي قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پنهنجي ڪوششن جي تسلسل ۾ شهزاد راءِ مدد علي سنڌيءَ کي اسلام آباد جي سمورن سرڪاري اسڪولن ۾ شطرنج، آرٽس خاص طور تي موسيقيءَ تي خصوصي ڪورسز تيار ڪرڻ ۽ لاڳو ڪرڻ جي تجيوز پيش ڪئي. هن چيو ته زندگي ٽرسٽ بين الاقوامي شطرنج فيڊريشن ??ان ملي ڪلاس 3 کان 8 جي شاگردن لاءِ هڪ نصاب تيار ڪيو آهي. شهزاد راءِ چيو ته اهڙي طرح جي ڪورسز کي متعارف ڪرائڻ جو مقصد ٻارن کي زندگي جي هر شعبي ۾ ڪامياب ٿيڻ لاءِ هڪ پليٽ فارم مهيا ڪرڻ آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته شطرنج ۽ ٻين آزاداڻين فنن ??ان ٻارن کي پنهنجي ذهني صلاحيتن کي وڌيڪ نکارڻ ۽ وڌائڻ جي قابل بڻائي ٿو. وفاقي وزير جي هدايت تي اين سي سي زندگي ٽرسٽ ??ان ملي گريڊ 3 کان گريڊ 8 جي شاگردن کي شطرنج ۽ موسيقي جا اوزار سيکارڻ تي توجهه ڏيندڙ نصاب تيار ڪندو ۽ ان کي گريڊ 9 ۽ 10 جي شاگردن لاءِ تيار ڪندو. هن چيو ته اين سي سي ذريعي اهڙي چونڊ ڪورسز تيار ڪرڻ گهرجي جنهن کي ايف ڊي اي لاڳو ڪري سگهي. هن چيو ته ضروري آهي ته سرڪاري اسڪولن ۾ غير نصابي سرگرمين کي باضابطه طور پڙهايو وڃي ۽ انهن جي حوصله افزائي ڪئي وڃي.
تعليم واري نگران وفاقي وزير مدد سنڌي سان زندگي ٽرسٽ جي باني شهزاد راءِ جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : پاکستان لاٹری ٹکٹ