ٺٽو-13 جون (اي پي پي) ڊ??ٽي ڪمشنر غلام فاروق سومرو ڪيٽي بندر ۾ ڪيمپ آفيس قائم ڪري پاڪ فوج، نيوي، ميري ٽائيمز سيڪيورٽي ايجنسي، پوليس ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي مدد سان خطري واري عل??ئقي مان ماڻهن کي محفوظ هنڌن ۽ امدادي ڪيمپن ڏانهن منتقل ڪرڻ لاءِ ريسڪيو واري ھلندڙ ڪم جي نگراني ڪري رھيو آھي. ان موقعي تي ڊ??ٽي ڪمشنر چيو ته سامونڊي طوفان بائپر جوائي جي خطري کي نظر ۾ رکندي ضلعي انتظاميا پاڪستان آرمي، نيوي، ميري ٽائيمز سيڪيورٽي ايجنسي، پوليس ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي مدد سان ڪيٽي بندر جي سامونڊي ??ٽي جي غير محفوظ عل??ئقن ۾ رهندڙ ماڻهن کي ڪڍڻ لاءِ ريسڪيو جو ڪم تيزي سان جاري آهي تہ جيئن قيمتي جانين جي امڪاني نقصان کان بچي سگهجي. هن چيو ته ضلعي انتظاميا پاران گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول ٻگهاڻ، ٽي سي ايف اسڪول بابو ڪنان ٻگهاڻ، گورنمينٽ گرلز پرائمري اسڪول ڪيٽي بندر، گورنمينٽ پرائمري اسڪول ٻگهاڻ، ٽي سي ايف اسڪول پير ڏنو شاهه جهالو، ٽي سي ايف اسڪول جھنگيسر، گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول ڳاڙھو، گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج ڳاڙھو ۽ وٽنري اسپتال ڳاڙھو ۾ رليف ڪيمپون قائم ڪيون ويون آهن. ڊ??ٽي ڪمشنر وڌيڪ چيو ته هن وقت تائين ساحلي عل??ئقن مان اٽڪل 727 خاندانن کي ريسڪيو ڪري مختلف رليف ڪ??مپن ۾ منتقل ڪيو ويو آهي جتي کين پڪل کاڌو، پيئڻ جو صاف پاڻي، مڇر دانيون، موبائيل اسپتال، دوائون، واش رومز ۽ ٻيون سموريون گهربل سھولتون فراهم ڪيون پيون وڃن. هن چيو ته ضلعي انتظاميه پاران اسسٽنٽ ڪمشنرن، مختيارڪارن، چونڊيل نما??ند?? ۽ مقامي معززين ذريعي ماڻهن کي ساحلي عل??ئقن مان نڪرڻ تي قائل ڪرڻ لاءِ سرگرم مهم پڻ هلائي پئي وڃي ته جيئن کين محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪري سگهجي. ڊ??ٽي ڪمشنر وڌيڪ ٻڌايو ته ٻيا به ڪيترائي ماڻهو خطري واري هنڌن کان نڪري چڪا آهن ۽ انهن کي پڻ ضلعي انتظاميا پاران قائم ڪيل مختلف رليف ڪيمپن ۾ منتقل ڪرڻ جون ڪوششون جاري آهن.
ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو ڪيٽي بندر ۾ ڪئمپ آفيس قائم ڪري ڇڏي، ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪرڻ لاءِ جاري ريسڪيو آپريشن جي نگراني
مضمون کا ماخذ : estratégias para lotomania