اسلام آباد – 21 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي هراسمينٽ ڪيس ۾ ناقص بنيادن تي غيرضروري قانوني چاره جوئي جي حوصلا شڪني جي لاءِ جوا??دا?? تي ڏنڊ هڻي ڇڏيو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته اصل ڪيس جي ڪارروائي اڃا التوا هيٺ آهي جنهن ۾ هراسمينٽ جي حقيقت جو پتو لڳائڻ جي لاءِ ثبوت رڪارڊ ڪرڻ باقي آهي، جوا??دا?? ڪارروائي کي ڊيگهه ڏيڻ جي لاءِ غيرضروري طور تي درخواست داخل ڪئي. صدر چيو ته اهڙي رجحان جي حوصلا شڪني جي ضرورت آهي ڇو ته اهو ??قت حاصل ڪرڻ جي حربي کانسواءِ ڪج??ه نه آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اها طئي ٿيل ڳالهه آهي ته ڪنهن به ڌر کي جلدي ۾ اپيل داخل ڪرڻ جي اجازت نه آهي، اپيل سان نه رڳو محتسب پر صدر جو قيمتي وقت ضايع ٿيو. تفصيل موجب سکر ۾ مقرر ايئرپورٽ سيڪيورٽي فورس (اي ايس ايف) جي عورت اسسٽنٽ سب انسپيڪٽر اي ايس آءِ (شڪايت ڪندڙ) کي ايئرپورٽ مئنيجر مبينا طور تي هراسان ڪيو. الزامن موجب جوا??دا?? عورت کي شادي جي لاءِ دٻاءُ وڌو جڏهن ته شادي جي چئن مهينن جي اندر ئي جوا??دا?? ان سان بدسلوڪي شروع ڪري ڇڏي، فيبروري 2022ع ۾ جوا??دا?? عورت کي طلاق ڏني ۽ بعد ۾ گڏ رهڻ جي لاءِ دٻاءُ وڌو، جوا??دا?? ايئرپورٽ مئنيجر جي حيثيت سان نوڪري ختم ڪرڻ جي پڻ ڌمڪي ڏني ۽ اڻوڻندڙ واٽس ايپ پيغام موڪليا. شڪايت ڪندڙ هراسمينٽ جي خاتمي بابت وف??قي محتسب سان رابطو ڪيو. محتسب ڪيس تي محتسب جي دائره اختيار جي حوالي سان جوا??دا?? جي اعتراضن کي رد ڪري ڇڏيو. جوا??دا?? محتسب جي حڪم جي خلاف صدر کي اپيل داخل ڪئي جنهن کي صدر به رد ڪري ڇڏيو. صدر پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته جوا??دا?? فضائي سفر جو ڪرايو ادا ڪري، عورت کي ٻڌڻي جي لاءِ ڪراچي کان اسلام آباد جو سفر ڪرائي وڌيڪ ذهني ۽ مالي مشڪلاتن ۾ وڌو ويو، جوا??دا?? شڪايت ڪندڙ کي به ناقص بنيادن تي داخل درخواست سان ٻڌڻي جي لاءِ غيرضروري طور تي تڪليف ڏني. صدر چيو ته غيرضروري قانوني چاره جوئي جي اهڙي طرح جي رجحان جي حوصلا شڪني جي ضرورت آهي، معاملا اڪلائڻ ۾ غيرمعمولي دير کي روڪڻ جي لاءِ ناقص بنيادن تي اپيل جمع ڪرائيندڙ ڌر تي ڏنڊ هڻڻ مناسب آهي، ثبوتن جي ڇنڊڇاڻ کانسواءِ ڪيس ۾ فيصلو نه ٿو ڪري سگهجي. صدر جوا??دا?? جي اپيل رد ڪندي شڪايت ڪندڙ جي هوائي سفر جا خرچ جوا??دا?? تي هڻي ڇڏيا. هن چيو ته محتسب ڪارروائي 90 ڏينهن ۾ مڪمل ڪري ۽ جوا??دا?? پاران شڪايت ڪندڙن کي هوائي جه??ز جي ڪرايي جي ادائيگي کي يقيني بڻايو وڃي.
صدر عارف علوي هراسمينٽ ڪيس ۾ ناقص بنيادن تي غيرضروري قانوني چاره جوئي جي حوصلا شڪني لاءِ جوابدار تي ڏنڊ هڻي ڇڏيو
مضمون کا ماخذ : estatísticas quina