اسلام آباد – 17 – فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان سان آ??ري??ي پرڏيهي کاتي جي قونصلر ڊيرڪ شولي پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب پرڏيهي سيڪريٽري آ??ري??ي پرڏيهي کاتي جي عهديدار جي آجيان ڪندي چيو ته لاڳيتو ٻطرفا دورا پاڪستان ۽ آ??ري??ا جي مثبت رويي جو مظهر آهن. پرڏيهي سيڪريٽري ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻئي مڊ ليول دفاعي ڊائيلاگ ۽ واشنگٽن ۾ ٿيندڙ واپاري ۽ سيڙپڪاري جي فريم ورڪ ايگريمينٽ ڪائونسل جي اجلاس تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن اداراجاتي ڳالهين جي ذريعي واپار ۽ سيڙپڪاري، توانائي، سلامتي، ماحولياتي تبديلي ۽ صحت جي شعبن ۾ پائيد??ر تعاون جي اهميت تي زور ڏنو. ڊاڪٽر اسد مجيد خان زراعت، تعليم، آءِ ٽي ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ تعاون کي وڌائڻ جي ضرورت کي پڻ اجاگر ڪيو. آ??ري??ي پرڏيهي کاتي جي قونصلر ڊيرڪ شولي چيو ته آ??ري??ا پاڪستان سان ٻطرفن لاڳاپن کي اڳتي وڌائڻ جي لا??ِ پرعزم آهي. هن 2022ع جي ٻوڏ ??ان??وءِ بحالي جي لا??ِ پاڪستان ۽ ان جي عوام سان آ??ري??ي يڪجهتي ۽ حمايت جو اظهار ڪيو. پرڏيهي سيڪريٽري آ??ري??ي حمايت تي قونصلر جا ٿورا مڃيا ۽ اميد ظاهر ڪئي ته آ??ري??ا ڊگهي مدي واري بحالي جي ڪوششن ۾ پاڪستان جي حمايت جاري رکندو. ڊيرڪ شولي سان عالمي ترقي بابت آ??ري??ي ايجنسي جو قونصلر ڪلنٽن وائٽ، پاڪستان ۾ آ??ري??ي سفير ڊونلڊ بلوم ۽ آ??ري??ي پرڏيهي کاتي ۾ ڏکڻ ۽ وچ ايشيائي معاملن جي بيورو جو پرنسپل اسسٽنٽ سيڪريٽري الزبيٿ هورسٽ پڻ موجود هئا.
پرڏيهي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان سان آمريڪي پرڏيهي کاتي جي قونصلر جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : ڈوپلا سینا