نيويارڪ – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ مملڪتي ۽ حڪومتي سربراهن جي مان ۾ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس پاران ڏنل آجياڻي ۾ شرڪت ??ي لاءِ گڏيل قومن جي هيڊڪوارٽرز پهچي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ اڱاري ڏينهن نيويارڪ ۾ مصروف ڏينهن گذاريندو ۽ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ مملڪتي ۽ حڪومتي سربراهن جي مان ۾ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس پاران ڏنل آجياڻي ۾ شرڪت ڪ??دو. وزيراعظم گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس جي اعليٰ سطحي بحث مباحثي جي افتتاحي اجلاس ۾ شرريڪ ٿي??دو. وزيراعظم فرانس جي صدر ايمنوئل ميڪرون، آسٽريا جي فيڊرل چانسلر ڪارل نيهمر، اسپين جي صدر پيڊرو سنچيز پيريز – ڪاسٽي جون ۽ ايران جي صدر سيد ابراهيم رئيسي سان جدا جدا ملاقاتون ڪ??دو. وزيراعظم دي ٽائيمز سينٽر جو دورو ڪندو ۽ نيويارڪ ٽائيمز جي ادارتي بورڊ سان انٽرويو ۾ شريڪ ٿي??دو. جڏهن ته وزيراعظم سان آمريڪا جو موسمياتي تبديلي بابت خاص نمائندو جان ڪيري ملاقات ڪ??دو.
وزيراعظم گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي آجياڻي ۾ شرڪت جي لاءِ گڏيل قومن جي هيڊڪوارٽرز پهتو
مضمون کا ماخذ : سلور لائونیس 4x ضرب